ناراض پارٽين کي پرچائڻ وارو مشن، جهانگير ترين ميدان تي، ٻن ڌرين کي پرچائي ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ جهانگير ترين ناراض اتحادي پارٽين کي پرچائڻ لاءِ ميدان تي اچي ويو ۽ هن ٻن ناراض پارٽين جي ناراضگي لڳ ڀڳ ختم ڪري ڇڏي.

تفصيل موجب حڪومتي اتحادي پارٽي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي وفد سان جهانگير ترين ملاقات ڪئي جنهن ۾ جي ڊي اي جي خدشن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.

ٻنهي پارٽينجي وچ ۾ ملڪي سياست تي به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ پاڻ ۾ اختلافن کي مشروط ختم ڪرڻ تي اتفاق به ڪيو.

ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ جو چوڻ هو ته فهميده مرزا جي قيادت ۾ جي ڊي اي جي وفد سان نتيجي جوڳيون ڳالهيون ٿيون، حڪومت ۽ جي ڊي اي جي وچ ۾ هان ڪو به معاملو حل طلب باقي ناهي، جي ڊي اي پهرين به حڪومت جو اهم حصو هجي ۽ اڳتي ب اتحادي رهندي، اسان پنهنجي اتحادين سان گڏجي نئين پاڪستان جي جدوجهد جاري رکنداسين.

بعد ۾ جهانگير ترين، بچاءَ واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ، قانون واري وزير فروغ نسيم ۽ سينيٽر اعظم سواتي بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل جي وفد سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اتحادي پارٽي جي سمورن خدشن کي ٻڌو ويو. بي اين پي جي وفد جي قيادت جهانزيب جمالديني ڪئي.

حڪومتي وفد بي اين پي مينگل کي سمورا خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي پنهنجي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ بلوچستان جي سمورن مسئلن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.