ملڪ ۾ اٽي جو بحران وڌي ويو، قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوري ملڪ ۾ اٽي جي قيمتن ۾ اوچتو اضافو ٿيو ويو جڏهن ته ڪڻڪ جي سپلاءِ متاثر ٿيڻ سبب اٽي جي بحران جو به خدشو پيدا ٿي ويو.

ريٽيلرز ايسوسي ايشن مطابق ڪڻڪ سپلاءِ گهٽجڻ سبب گذريل هڪ هفتي دوران اٽي جي في ڪلو قيمت ۾ پنج رپيا اضافو ٿيو آهي.

ريٽيلرز ايسوسي ايشن جو چوڻ آهي ته فائن اٽو 62 رپيا ڪلو ٿي ويو آهي جڏهن ته چڪيءَ جي اٽي جي قيمت ۾ به 5 کان 6 رپيا في ڪلو اضافو ڪيو ويو آهي ۽ چڪي جي اٽي جي قيمت 62 کان وڌي 70 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي.

ڊيلرز اوپن مارڪيٽ مطابق مارڪيٽ ۾ في ڪلو ڪڻڪ جي قيمت 47 کان وڌي 52 رپيا ٿي وئي جڏهن ته ڪراچي ۾ ڪڻڪ جي ٻوري 500 رپيه مهانگي ٿيڻ بعد 100 ڪلو ڪڻڪ واري ٻوري 5200 رپين جي ٿي وئي.

ڪراچي سميت حيدرآباد، لاهور، گوجرانوالا ۽ ٻين شهرن ۾ به اٽي جي قيمت آسمان تي پهچي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.