محمد حفيظ عالمي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمينٽ وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ آل رائونڊر محمد حفيظ هلندڙ سال آسٽريليا ۾ شيڊول ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ کانپوءِ عالمي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

آل رائونڊر محمد حفيظ قومي ٽيم ۾ ٻيهر شموليت تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جي ٻيهر نمائندگي ڪرڻ جو موقعو ملڻ تي تمام گهڻي خوشي آهي ۽ هاڻي منهنجي نظر بنگلاديش خلاف هوم سيريز تي آهي.

ريٽائرمينٽ بابت محمد حفيظ چيو ته آئون پنهنجي ڪارڪردگي ۽ فٽنس جي بنياد تي ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ کيڏي پاڪستان جي عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع ڪرڻ چاهيان ٿو، منهنجي خواهش آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ بهترين ڪارڪردگي پيش ڪري هاڪاري انداز ۾ عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چوان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.