ڀارتي ٽيم جي سينٽرل ڪنٽريڪٽ مان ايم ايس ڌوني جو نالو خارج

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ايندڙ سال لاءِ نئين سينٽرل ڪنٽريڪٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن ۾ اڳوڻي ڪپتان مهندرا سنگهه ڌوني جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي.

ڀارت کي ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ڪپ کٽرائيندڙ ڪرڪيٽر مهندرا سنگهه ڌوني جي ڪيريئر بابت ڪجهه عرصي کان چوٻول هلي رهيا هئا ته سندس ڪيريئر هاڻي ختم ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، پر هاڻي ان ڳالهه جي تصديق ٿيندي نظر اچي رهي آهي ڇاڪاڻ ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ نئين سينٽرل ڪنٽريڪٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي فهرست ۾ ڌوني جو نالو ئي شامل ناهي.

ڌوني کي گذريل سال ڪنٽريڪٽ ۾ ‘‘اي’’ ڪيٽيگري ۾ رکيو ويو هو جنهن ۾ هڪ رانديگر کي پنج ڪروڙ رپيا ملندا آهن.

ايم ايس ڌوني کان علاوه خليل احمد، دنيش ڪارٿڪ، امبتي رائيڊو کي به ڊراپ ڪيو ويو آهي جڏهن ته سندن جاءِ تي نوديپ سيني، شردل ٺاڪر، شرياس آئير ۽ واشنگٽن سندر کي سينٽرل ڪنٽريڪ جي ‘‘سي’’ ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

سينٽرل ڪنٽريڪٽ جي ‘‘اي پلس’’ ڪيٽيگري ۾ ڪپتان ويرات ڪوهلي، روهت شرما ۽ جسپريت ڀمرا جا نالا شامل آهن جڏهن ته  ‘‘اي’’ ڪيٽيگري ۾ روي چندرن ايشون، ريوندرا جڊيجا، ڀوونيشور ڪمار، چتيشرو پجارا، اجنڪيا راهاني، شکر ڌون، محمد شامي، ايشانت شرما، ڪلديپ ياديو، ريشاڀ پانٽ ۽ لوڪيش راهول کي شامل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.