بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب چيئرمين سان رابطو

لاهور(ويب ڊيسڪ) جوڊيشل ايڪٽوازم پينل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ ڪرپشن جي جاچ جي لاءِ نيب چيئرمين سان رابطو ڪري ورتو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته نيب چيئرمين ڪرپٽ ماڻهن جي نشاندهي جي لاءِ انڪوائري جو حڪم ڏئي.

تفصيل موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڪرپشن جي جاچ جي لاءِ نيب چيئرمين سان رابطو ڪيو ويو، جوڊيشل ايڪٽوازم پينل نيب چيئرمين، ڊي جي، ملڪ جي صدر عارف علوي ۽ وزير اعظم عمران خان کي خط لکي ڇڏيو آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ ڪرپشن منظر عام تي اچي چڪي آهي، غريب ۽ مستحق ماڻهن جي رقم ڪرپٽ ۽ ٻين جي ور چاڙهي وئي، پروگرام جي تحت ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن کي رقم ڏني وئي جاچ جي ضرورت آهي.

خط ۾ وڌيڪ چيو ويو ته نادرا جي تازين رپورٽن کان معاملي ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ضروري آهي ۽ اپيل ڪئي وئي ته چيئرمين نيب ڪرپٽ ماڻهن جي نشاندهي جي لاءِ انڪوائري جو حڪم ڏئي.

خط جي ڪاپي صدر پاڪستان، وزير اعظم ۽ صوبائي وزيرن ڏانهن موڪلي وئي آهي، خط ۾ چيو ويو ته گريڊ 17 کان 21 جي 2543 آفيسر انڪم سپورٽ پروگرام مان فائدو کڻندا رهيا، ڪيترا ئي اعليٰ سرڪاري آفيسر زالن جي نالن تي پيسا وصول ڪندا رهيا.

خط جي متن ۾ چيو ويو ته بلوچستان ۾ وڌ کان وڌ سرڪاري آفيسر بي آءِ ايس پي مان فائدو کڻندو رهيا، بلوچستان مان 741 سرڪاري آفيسر ۽ سنڌ ۾ گريڊ 18 جا 342 آفيسر ان اسڪيم مان فائدو کڻندا رهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.