وفاقي حڪومت جو سنڌ جو مڪاني نظام سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سنڌ جي مڪاني نظام کي چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سنڌ ۾ مقامي حڪومت جو موجوده نظام عوام کي بااختيار نٿو بڻائي.

تفصيل موجب منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ جي مقامي حڪومت جي نظام خلاف اپيل داخل ڪنداسين، فيصلو سڀاڻي وزير اعظ۾ جي سربراهي ۾ پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ ڪيو ويو.

اسد عمر جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ مقامي حڪومت جو موجوده نظام عوام کي بااختيار ناهي بڻائيندو، هي قانون آئين جي موجب عوام کي سياسي، انتظامي، مالي  ۽ بااختيار ناهي ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.