سرفراز بگٽي جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست منظور

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ  ٻارڙي جي اغوا ۾ مدد ڪرڻ بابت ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ۽ موجوده سينيٽر مير سرفراز بگٽي جي گرفتار کان اڳ ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.

گذريل ڏينهن سيشن ڪورٽ ٻارڙي کي اغوا ۾ مدد ڪرڻ بابت ڪيس ۾ سينيٽر سرفراز بگٽي جي ضمانت واري درخواست خارج ڪندي کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

جنهن وقت عدالت گرفتاري جو حڪم ڏنو ته بلوچستان عوامي پارٽي جو سينيٽر سرفراز بگٽي عدالت ۾ موجود هو پر سرفراز بگٽي گرفتاري ڏيڻ بنا ئي عدالت مان روانو ٿي ويو.

سرفراز بگٽي پاران بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست داخل ڪئي وئي جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سرفراز بگٽي چيو ته ان معاملي سان منهنجو ڪو تعلق ناهي، اميد آهي ته عدالت مان انصاف ملندو.

واضح رهي ته ٻارڙي ماريه جي ناني ٻارڙي جي والد خلاف اغوا ۽ سرفراز بگٽي تي سندس مدد ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو هو، فيملي ڪورٽ ٻارڙي جي والده جي وفات کانپوءِ ٻارڙي کي ناني جي حوالي ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.