آءِ جي سنڌ کي پ پ اڳواڻن خلاف ڪارروائي تي هٽايو ويو…!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي کي سنڌ جي گورنر سنڌ آءِ جي کي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن  خلاف ڪارروائي تي هٽايو ويو.

تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ ۾ آءِ جي ڪليم امام جي تبديلي واري معاملي تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون.

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ان معاملي تي ڪور ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي آءِ جي جي تبديلي واري معاملي تي مداخلت جا ثبوت پيش ڪندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي خلاف ڪارروائي جي ڪري انهن کي تبديل ڪيو ويو.

ذريعن ٻڌايو ته ڪور ڪميٽي آءِ جي سنڌ جي تبديلي جي حڪومت سنڌ واري فيصلي تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو، وزير اعظم عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪمراني تي يقين رک يٿي، سرڪاري آفيسرن کي سياسي مداخلت کان آزاد ماحول فراهم ڪرڻ تحريڪ انصاف جي منشور جو حصو آهي. ذريعن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت آءِ جي سنڌ جي تبديلي جي معاملي تي مختلف آپشنز تي غور ڪري رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.