خادم رضوي جي ڀاءُ سميت 86 ڄڻن کي 4738 سالن جي سزا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي خاتمي واري خصوصي عدالت دهشتگردي جو الزام ثابت ٿيڻ تي علامه خادم رضوي جي ڀاءُ ۽ ڀائٽي سميت تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي 86 ڪارڪنن کي مجموعي طور تي 4738 سالن جي قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

راولپنڊي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج شوڪت ڪمال ڊار پاران فيصلو ٻڌائڻ بعد پوليس سمورن جوابدارن کي حراست ۾ وٺي ٽن بسن ۾ وجهي پوليس ۽ ايليٽ فورس جي پهري ۾ اٽڪ جيل کڻي وئي.

عدالت جوابدارن تي هڪ ڪروڙ 30 لک رپين کان وڌيڪ ڏنڊ ۽ سندن سموري ملڪيت ضبط ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.

پنڊي پوليس 24 نومبر 2018 تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه علامه خادم رضوي جي گرفتاري بعد هنگامو ڪرڻ، ڀڃ ڊاهه، پوليس اهلڪارن کي زخمي ڪرڻ، سرڪاري ۽ نجي شين کي نقصان پهچائڻ ۽ دهشتگردي سميت مختلف الزامن هيٺ خادم رضوي جي ڀاءُ امير حسين ۽ سندس پٽ محمد علي سميت 87 ڄڻن کي گرفتار ڪيو هو.

گرفتار ڪيل جوابدارن مان هڪ جوابدار اعزاز الحق پرڏيهه فرار ٿي ويو هو جنهن تي عدالت ڄاڻايل جوابدار جي ضمانتي کان هڪ لک رپيا ڏنڊ وصول ڪندي جوابدار کي اشتهاري قرار ڏئي دائمي گرفتاري جا ورانٽ جاري ڪيا هئا.

عدالت 13 مهينن جي ٻڌڻي بعد ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مختلف الزامن ۾ ملوث ڏوهارين کي مجموعي طور تي 55،55 سال قيد ۽ 2 لک 35 هزار رپين جو ڏنڊ ۽ عدم ادائيگي تي 35 مهينا وڌيڪ قيد ڏيڻ جو حڪم ڏئي سندن سموري ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت امير حسين رضوي، سندس پٽ محمد علي ۽ ٻين ڏوهارين قاري مشتاق ۽ گلزار احمد کي هٿيار برآمد ٿيڻ جي ڏوهه ۾ 2،2، سال الڳ قيد ۽ 50،50 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، ڏنڊ ادا نه ڪرڻ تي ڏوهارين کي مجموعي طور تي 146 سال کان وڌيڪ سزا ڪاٽڻي پئجي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.