متحده جو هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ کي ورهائڻ جو مطالبو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيوايم پاران هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي ورهاڱي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن چيو ته سنڌ هڪ نه پر ٻه آهن هڪ  ڳوٺاڻي ۽ ٻي شهري سنڌ آهي، هو سنڌ جو وڏو وزير به اڌ و اڌ چاهين ٿا.

سنڌ جي ورهاڱي بابت خواجا اظهار جو اهو پهريون بيان ناهي ان کان اڳ به هو ڪيترائي ڀيرا اهڙِي قسم جا بيان ڏئي چڪو  آهي.

اڄ کان ڪجهه مهينا اڳ به هن پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته ايم ڪيو ايم سنڌ جو ورهاڱو نه ٿي چاهي پر اهو ڪارڪنن ۽ عوام جو آواز آهي.

ٻه ڏينهن اڳ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل به سنڌ جي وهاڱي واري ايم ڪيو ايم جي مطالبي کي درست قرارڏيندي چيو هو ته سنڌ جي ورهاست جي حوالي سان هو  ايم ڪيو ايم جي خدشن کي جائز سمجهي ٿو .

عام طور تي جڏهن به ايم ڪيو ايم سرڪار کان ڌار ٿي آهي يا وري کانئن ڪاوزارت واپس ورتي وئي آهي ته انهن سنڌ جي ورهاڱي جو رينگٽ لڳايو آهي.

هاڻي به  خالد مقبول جي وزارت وڃائجڻ کانپوءِ هنن وري اهو رينگٽ شروع ڪيو آهي جيڪو انهن جي دماغي فطور کان سواءِ ڪجه به ناهي ،سنڌ جو عوام هنن جي اهڙي مطالبي کي هزار ڀيرا رد ڪري چڪو آهي ۽ ڪندو رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.