پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ حملو ڪيس: وزير اعظم ۽ ٻين کان رڪارڊ طلب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت وزير اعظم عمران خان، ملڪ جي صدر عارف علوي ۽ ٻين جي خلاف پي ٽي وي پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ نامزد سمورن جوابدارن جو ريڪارڊ طلب ڪري ورتو.

جج راجا جواد عباس حسن ٻڌڻي ڪئي، پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن بريت جي درخواستن تي وڪيل صفائي دليل ڏيندي چيو ته 15 ڏينهن گذرڻ جي باوجود ڪنهن ڌرڻي کي سنجيده ناهي ورتو، عمران خان به اسلام آباد ۾ ڌرڻي ۾ حصو ورتو، ڌرڻي جي خالي هٿين ماڻهن خلاف ايف آءِ آرز ڪاٽيون ويون، پرامن مظاهرو ڪندڙن وٽ ڪي راڪيٽ لانچر ۽ ٽينڪ نه هئا، ڌرڻو هڻندڙن کي خبر ئي ناهي هئي ته پي ٽي وي ڪٿي آهي، پي ٽي وي جي نشريات بند ڪرڻ ۽ قبضو ڪرڻ ڊرامو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.