فواد چوڌري جي اعتراضن تي پنجاب حڪومت جو رد عمل اچي ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت فواد چوڌري جي اعتراضن کي رد ڪندي ترقياتي فنڊن جي تفصيل جاري ڪري ڇڏي.

وفاقي وزير فواد چوڌري جي اعتراضن تي پنجاب حڪومت جاري ڪيل ترقياتي فنڊن جي تفصيل پيش ڪري ڇڏي. ميڊيا ايڊوائزر مسرت جمشيد چيما موجب 15 جنوري 2020 تائين 179 ارب رپين جا ترقياتي فنڊ ريليز ڪيا ويا آهن، فواد چوڌري جا 77 ارب رپيا جاري ڪرڻ وارا انگ اکر درست ناهن.

پنجاب حڪومت جي گڏيل طور تي 350 ارب جي ترقياتي بجيٽ آهي جنهن مان 42 ارب پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ جا آهن. حڪومت پنجاب 15 جنوري تائين اي ڊي پي جا 58 سيڪڙو فنڊ جاري ڪيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.