ڪراچي ۾ فيڪٽري کي باهه، هڪ ڄڻو سڙي فوت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چمڙا چورنگي جي ڀرسان فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب هڪ ڄڻو سڙي فوت ٿي ويو.

ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ چمڙا چورنگي جي ڀرسان فوم جي فيڪٽري ۾ باهه لڳي وئي جنهن ڏسندي ئي ڏسندي شدت اختيار ڪري ورتي جڏهن ته باهه جي ڪري هڪ ڄڻو سڙي فوت ٿي ويو، واقعي جو اطلاع ملندي ئي فائر بريگيڊ پهچي باهه وسائڻ لاءِ امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون.

فائر بريگيڊ اختيارين موجب فيڪٽري ۾ لڳڻ واري باهه تيزي سان ڦلهجي رهي هئي.

ايم ڊي واٽر بورڊ موجب لانڍي ۽ نيپا هائيڊرنٽس تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، فوري طور ڪيترن ئي ٽينڪرن جي ذريعي پاڻي پهچايو پيو وڃي جڏهن ته واٽر بورڊ، ضلعي انتظاميا ۽ فائر بريگيڊ سان رابطي ۾ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.