سعيد غني تي منشيات فروشن جي سرپرستي جو الزام، صوبائي وزير جي پريس ڪانفرنس

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ پوليس جو مزاج نيب جهڙو ٿي ويو آهي، جيڪو توهان جي خلاف ڳالهائي ان جي خلاف ڪارروائي ڪيو، پوليس اختيارين کي ٻڌايو ويو ته هن جي علائقي ۾ منشيات جو ڪم وڌي رهيو آهي ۽ پوليس روڪي ناهي رهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني جو چوڻ هو ته ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان کي شڪايت هئي ته هن ڊي آءِ جي کي شڪايت ڇو ڪئي؟ هن جي ڀاءَ کي پوليس جي لاءِ مخبري ۽ موٽر سائيڪلون ڏيڻ جو چيو ويو، نه ڏيڻ تي منشيات فروشن جو سرپرست هئڻ جو الزام هنيو ويو.

سعيد غني سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان مڪمل انڪوائري جو مطالبو ڪندي چيو ته جيڪڏهن اِها رپورٽ درست ثابت ته سياست ڇڏي ڏيندس.

هن چيو ته مون پوليس اختيارين کي ٻڌايو ته منهنجي علائقي ۾ منشيات جو ڪم وڌي رهيو آهي ۽ پوليس ناهي روڪي رهي، ان کان پوءِ منهنجي علائقي ۾ منشيات جو ڪم وڌي ويو آهي ۽ پوليس طرفان اِهو طريقو اختيار ڪيو ويو ته ٻن منشيات فروش ۽ 20 بي گناهه ماڻهن کي کڻو.

هن چيو ته ڪرائم وڌي رهيو هو ۽ منهنجي ڊي آءِ جي ۽ ايڊيشنل آءِ جي سان ملاقات نه ٿي رهي هئي، جڏهن ته رضوان صاحب کي اِها شڪايت هئي ته مون ڊي آءِ جي کي شڪايت ڇو ڪئي؟

صوبائي وزير چيو ته ڄاڻي واڻي اسان کي گهليو ويو، ان ڪري مون ڏوهن جي خلاف آواز اٿاريو.

سعيد غني چيو ته آئون وڏي وزير کي چوندس ته منهنجي خلاف رپورٽ جي ويريفڪيشن ڪرايو، جيڪڏهن الزام درست آهن ته سخت کان سخت سزا ڀوڳيندس، عهدو ڇڏي ڏيندس ۽ سياست به ڇڏي ڏيندس.

هن چيو ته منهنجي اثاثن جي به جاچ ڪرايو ۽ هن جي اثاثن جي به جاچ ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.