ماتلي ۾ ڪاليجي ملازمن جو زيادتين خلاف مظاهرو

ماتلي (ت ر) ماتلي ۾ نان ٽيچنگ عملي مرڪزي اڳواڻ محمد علي کوسي,  غلام مصطفي ميمڻ, لياقت علي ڀٽي, ڦل محمد خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪاليج کان احتجاجي ريلي ڪاليج جي مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهري بعد هڪ ڪلاڪ ڌرڻو هنيو, ان موقعي تي اڳواڻن صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي نااهلي ۽ ماٽيلي ماء واري سلوڪ سبب کاتي جون ٻيون پوسٽون اپگريڊ ڪيون ويون پر ليباريٽري اسسٽنٽس ۽ ڪيٽلاگرس کي 1995ع کان اپگريڊ واري حق کان محروم رکيو ويو آهي, تنهنڪري فوري طور ليب اسٽاف کي به 7 .9 ۽ 11 مان اپگريڊ ڪري ڪلارڪن وانگي 11. 14 ۽ 16 گريڊ ڏيئي مايوسي ختم ڪئي وڃي, ۽ ڪاليج جي غير تدريسي عملي خاص ڪري 1 کان 4 گريڊ جي لوئراسٽاف جي ملازمن جا سليڪشن ۽ موو اوور گريڊ پرويز مشرف جي دئور ۾ ختم ڪري ترقين جي حق کان محروم ڪيو ويو هو جنهنڪري لوئر اسٽاف  ڀرتي وارن گريڊن ۾ ئي سموري سروس ڪاٽڻ تي مجبور آهي ته ٻئي طرف لاڳاپيل ڪامورن جي هوڏ ۽ ھٺ ڌرمي سبب ڪلريڪل اسٽاف جا پرومشن به 10, 10 سالن تائين نه ڪري جائز حق کان محروم رکيو پيو وڃي انڪري ٻين کاتن وانگي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي 1 کان سترهين اسڪيل جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.