قوم جي فردن کي پيرن تي بيهارڻ جي ضرورت آهي: مهر ڊٻائي

گلشن اقبال  ( رپورٽ: شفقت نوناري )خادمين سنڌ فائونڊيشن پاران ناليواري علمي، سماجي اڳواڻ عقيل سولنگي سان مخدوم بلاول وليج ۾ مڃتا تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ مختلف سياسي، سماجي ڌرين اڳواڻن، اديبن، صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي قومي شاعر ڊٻائي مهر چيو ته سنڌ کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي، سڄي دنيا جي پناهگيرن کي پاليندڙ سنڌ جا ٻچا پنڻ تي مجبور آهن، قوم جي فردن کي خيرات بدران پنهجي پيرن تي بيهارڻ جي ضرورت آهي، عقيل سولنگي جو سماجي خدمتون قابل قدر آهن، ارشد عباسي چيو ته جڏهن اسين پنهنجي حصي جو ڪم ڪيون ته ڪافي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، عقيل سولنگي ڌرتي جو ساڃاهه وند آهي، تنوير اختر عباسي چيو ته سنڌ ۾ تعليم تي ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت  آهي، عقيل جون غريب ٻارن جي تعليم لاءِ هروقت ڪوشان رهي ٿو منظور سيتائي چيو ته سنڌ جوڌا ۽ دودا پيدا ڪيا آهن، سيتا شهر سان تعلق رکندڙ  عقيل جرئت ۽ ڏات سان ڌرتي جي خدمت ڪئي آهي، شبير راڄپر چيو ته سنڌ کي سچن سماج سڌارڪن جي ضرورت آهي، لال محمد چانڊيي چيو ته ورهاڱي کان اڳ سنڌي هندن اسپتالون ۽ اسڪولي ادارا ٺاهي، سنڌ جي خدمت هاڻ ٻيهر اهڙي ڪم جي ضرورت آهي، غوث ٻگهيي چيو ته سماجي ڪردارن کي مڃتا زندا قوم جي نشاني آهي، علي گل ملاح ۽ سهراب سومري چيو ته ڪم انسان کي جيئرو رکن ٿا ان لاءِ سٺا ڪم ڪرڻ گهرجن، رمضان رند،سچل وڌي،وهاب سومري،معشوق منگي،رزاق شر،حليم ميمڻ،منظور آڪاش،وزير سهتي،رياض کيمٽيي، شفقت نوناري ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته تعليم واحد هٿيار آهي جنهن سان سنڌ کي تبديل ڪري سگهجي ٿو، آخر ۾ عقيل سولنگي کي ڪتابن، اجرڪن ۽ گلن جا تحفا ڏنا ۽ سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.