آمريڪا ۽ عراق جو گڏيل فوجي مشن بحال

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اخبار نيو يارڪ موجب عراقي ۽ آمريڪي فوجن پنهنجو گڏيل فوجي مشن ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو آهي.

اهو مشن بغداد ايئر پورٽ ڀرسان ان ڊرون حملي کانپوءِ روڪيو ويو هو، جنهن ۾ اعليٰ ايراني جنرل قاسم سليماني مارجي ويو هو.

ان حملي کانپوءِ عراق ۾ سخت سياسي بيچيني پيدا ٿي وئي هئي.

آمريڪا جي بچاءَ واري کاتي موجب ان مشن جي بحاليءَ جو مقصد دهشتگرد گروهه ”اسلامڪ اسٽيٽ“ خلاف جاري ڪارروائين ۾ تسلسل پيدا ڪرڻ آهي.

آمريڪا ۽ عراق جي فوجن جو اهو مشن جن علائقن ۾ بحال ٿيو آهي، انهن بابت تفصيل ناهن ٻڌايا ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.