سائين جي ايم سيد، سندس شخصيت ۽ جدوجهد

شفيق باجڪاڻي

17 جنوري سنڌ جي عظيم رھبر، جديد سنڌي قومپرستي جي باني، چوٽي جي سياستدان، صوفي منش انسان، دانشور ۽ فڪر جي پرچارڪندڙ سائين غلام مرتضيٰ شاھ  (جي ايم سيد) جو جنم ڏينهن آهي.

جنھن پنهنجي سڄي حياتي سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ پرامن سياسي ويڙھ، وطن جي آزادي ۽ خوشحالي کي ارپي ڇڏي. سندس جنم  1904ع ۾ ھاڻوڪي ضلعي ڄامشورو جي شھر سن ۾ ٿيو. سندس جنم ڀلي سن ۾ ٿيو هجي پر کيس پيار پوري ڌرتي تي پکڙيل پوک جي اوڙ اوڙ سان هو.

سائين جي ايم سيد جي سياسي ۽ سماجي زندگي تي هڪ نظر

سائين جي ايم سيد 15 ورهين جي عمر ۾ سماجي ۽ سياسي زندگي جي شروعات ڪئي. 1919ع ۾ سن شھر ۾ ھڪ سماجي تنظيم المسلمين جوڙيائين جنهن جي پليٽفارم تان سماجي سڌارن  جا ڪم سرانجام ڏنا.. فبروري 1920ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پير تراب علي شاهه ۽ جان محمد جوڻيجو جي ڪوششن سان ڪوٺايل سنڌ خلافت ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين، جنهن ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا شوڪت علي جھڙا قد آور اڳواڻ به آيل هئا. ڪانفرنس کان موٽڻ بعد سن شهر ۾ 17 مارچ 1920ع تي حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي صدارت ۾ خلافت ڪانفرنس ڪوٺايائين. ھو 1 جون 1925ع ۾ تعلقي لوڪل بورڊ مانجهند جو ميمبر بڻيو، 4 جون 1925ع تي ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو ويو ۽ اڳتي هلي 26 آڪٽوبر 1925ع تي ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ 29 نومبر تي تعلقي لوڪل بورڊ مانجهند جو پريزيڊنٽ به چونڊيو ويو. 1928ع لوڪل بورڊ جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ جڏھن چونڊون ٿيون ته کيس راءِ بهادر شيوارام ڏيون مل جهڙي با اثر ماڻهوءَ جي مقابلي ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو چيئرمين چونڊيو ويو. 1928ع کان سنڌ جي بمبئي پريزيڊنسي کان آزاديءَ جي تحريڪ شروع ٿي ته رهبر جي ايم سيد ان ۾ به حصو ورتو.

ھن تحريڪ جي سلسلي ۾ ڪوٺايل ڪانفرنسن جھڙوڪ؛ ڪراچيءَ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي صدارت هيٺ، حيدرآباد ۾ علامه يوسف علويءَ جي صدارت هيٺ ۽ ڪراچيءَ ۾ سر غلام حسين جي صدارت ۾ ٿيندڙ ٽنھي اھم ڪانفرنسن ۾ نه رڳو حصو ورتو  پر سنڌ آزاد ڪانفرنس جي ورڪنگ ڪميٽيءَ تي به ڪم ڪيو. سائين جي ايم سيد 1930ع ۾ ئي ميرپورخاص ۾ جمشيد نسروانجي ميهتا، ڄيٺمل پرسرام، پرنسپال گوڪلي ۽ ٻين سان گڏجي ”سنڌ هاري ڪميٽي“ ٺھرائي، جنهن جو پهريون صدر پرنسپال گوڪلي، جنرل سيڪريٽري ڄيٺمل پرسرام ۽ جوائنٽ سيڪريٽري شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جي ايم سيد چونڊيا ويا. 1931ع ۾ خان عبدالغفار خان سان ڪراچيءَ ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين. 1931ع ۾ ئي سباش چندر بوس ۽ ڀڳت سنگهه جي جي تنظيم يوٿ ليگ جو ميمبر ٿيو. 1934ع ۾ حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ پيپلز پارٽي قائم ڪرائي ان جو ليڊر سر شاهنواز ڀُٽي کي چونڊرايو ۽ جنرل سيڪريٽري حاتم علوي ۽ جوائنٽ سيڪريٽري پاڻ ٿيو.

پر سر شاھنواز ڀُٽو پارٽيءَ جي ڪمن ۾ دلچسپي وٺي نه سگهيو، ۽ اها پارٽي هلي نه سگهي. انھي دوران سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ لاءِ ”آزاد سنڌ ڪانفرنسون“ ٿينديون رهيون، جن ۾ جي ايم سيد سرگرم نظر اچي ٿو. 1936ع ۾ جي ايم سيد، حاجي عبدالله هارون سان گڏجي، اتحاد پارٽي قائم ڪئي.

اپريل 1936ع ۾ سنڌ بمبئيءَ کان آزاد ٿي. 1937ع ۾ جڏهن 1935ع جي ائڪٽ تحت سنڌ اسيمبليءَ جون پهريون چونڊون ٿيون، جنھن ۾ هو  پنهنجي تنظيم اتحاد پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي اميدوار بيٺو ۽ پاڻ سميت  پارٽي جا 24 ميمبر سنڌ اسيمبلي ۾ چونڊجي آيا. 1937ع ۾ ساٿين سميت مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. آڪٽوبر 1938ع ۾ سائين جي ايم سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ڪاوشن سان آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس ڪراچيءَ ۾ محمد علي جناح جي صدارت ھيٺ منعقد ٿيو.

ان  اجلاس ۾ سنڌ مسلم ليگ جو بنياد وڌو ويو ۽ جي. ايم. سيد جي سهڪار سان شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ، مسلمانن جي آزاد رياستن تي مشتمل ڌار وطن جو ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن اڳتي هلي مسلم ليگ جي 1940ع واري لاهور اجلاس ۾ هندستان جي ورهاڱي واري ٺهراءُ جي صورت اختيار ڪئي، جنهن کي بعد ۾ ”قرارداد پاڪستان“ سڏيو ويو. 1938ع واري اجلاس کان پوءِ  وزير اعظم سنڌ، الله بخش سومرو کي مسلم ليگ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو ، پر ٻنھي گروھن وچ ۾ ڳالھيون طئي نه  ٿي سگهيون. ان کان پوءِ سائين جي ايم سيد مسلم ليگ جي پارٽي ليڊر ايوب کهڙو کي ۽ سيڪريٽري محمد هاشم گزدر کي چـونڊرايو ۽ پاڻ ايوان کان ٻاهر مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ جو ڪم پاڻ تي کنيو. ان وچ ۾ سکر مسجد منزل گاهه جو واقعو پيش آيو. هندو مسلم فساد ٿيا. الله بخش سومرو سرڪار اقليتن جو بچاءُ ڪري نه سگهيو،  ان ڪري هندو ميمبرن، مسلم ليگ سان گڏجي الله بخش سومري جي وزارت کي ڊاهي، مير بنده علي خان جي هٿ هيٺ نئين وزارت ٺاهي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي ايم سيد ۽ ايوب کهڙو وزير ٿيا. سائين جي ايم سيد کي تعليم، انڊسٽري، ليبر ۽ ٻيلي کاتي جا کاتا مليا.

1946ع مسلم ليگ کان عليحدگي اختيار ڪري پروگريسو مسلم ليگ جوڙيائين. جلد ئي 1947ع پاڪستان ٺھيو. 6 جنوري 1948ع تي ڪراچي شهر ۾ ھندستان مان آيل شاطر مسلم مھاجرن سنڌ جي ڌرتي ڌڻي هندن جي ڦرلٽ ۽ خونريزي شروع ڪري ڏني جنهن تي سنڌ جي وزيراعلي ايوب کھڙي بروقت اثرائتا قدم کڻندي حالتن تي قابو پاتو،  جنھن ۾ ڪيتريون ئي گرفتاريون ٿيون. ان ڳالھه تان وزيراعظم لياقت علي خان ۽ ايوب کھڙو جي درميان اختلاف پيدا ٿيا. جلد ئي ڪراچي کي سنڌ کان عليحده ڪري مرڪزي حڪومت جي ماتحت ڪري اپريل 1948ع ۾ ايوب کھڙي کي وزارت تان ھٽائي پير الاهي بخش کي وزيراعلي مقرر ڪيو ويو، جنهن ڪراچي کي مرڪز جي حوالي ڪرڻ لاءِ رضامندي ڏيکاري. اهڙيءَ طرح ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري سوچ تحت ڪراچي مرڪز جي حوالي ڪئي وئي. جي ايم سيد، ڪراچي کي مرڪز جي حوالي ڪرڻ خلاف آواز اٿاريو ته کيس سن ۾ ٽن مهينن لاءِ نظربند ڪيو ويو. ائين ئي سيد ۽ سنڌ مٿان، سيد جي ئي قرارداد سبب ٺهيل نئين ملڪ ۾ ڏکيائن ۽ نا انصافين ۾ شدت ايندي وئي ۽ سنڌ کي ون يونٽ جي پنجوڙ ۾ ڦاسايو ويو ته سائين جي ايم سيد، ڪراچيءَ ۾ پنهنجي بنگلي تي آگسٽ 1955ع ۾، اولهه پاڪستان جي قومي ڪارڪنن جي خان عبدالغفار خان جي صدارت ھيٺ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي “ائنٽي ون يونٽ فرنٽ” ٺاهي جدوجھد ڪئي. سائين مسلم ليگ ۽ ريپبلڪن پارٽي سان ٺاھ ڪري اولهه پاڪستان اسيمبليءَ ۾ فقط ستن ميمبرن ھوندي به، 310 ميمبرن جي اڪثريت سان، ون يونٽ مخالف ٺهراءُ پاس ڪرايو، جنهن جي فقط چئن ميمبرن مخالفت ڪئي. اڳتي هلي ون يونٽ کي آئيني طرح ٽوڙائڻ ۽ اولهه پاڪستان جي صوبن کي خودمختياري ڏيڻ واري وعدي تان حڪمران جماعت ريپبلڪن پارٽي ڦِري وئي. ان واعدي شڪنيءَ کان پوءِ جي ايم سيد ايندڙ چونڊن ۾ ون يونٽ کي ڊاهڻ لاءِ سنڌ ۾ سڀني سياسي گروهن کي متحد ڪري “ائنٽي ون يونٽ فرنٽ” فرنٽ قائم ڪيو ۽ اهڙي طرح پاڪستان ۾ سواءِ پنجاب جي ٻين سڀني صوبن ۾ اينٽي ون يونٽ محاذ ٺھيا. ون يونٽ خلاف محڪوم ۽ مظلوم قومن جي جدوجهد ڏسي، ون يونٽ جي حامي گروهه، 8 آڪٽوبر 1958ع تي پوري پاڪستان ۾ مارشل لا لاڳو ڪري اسيمبليون ختم ڪري ڇڏيون. سائين جي ايم سيد سميت ٻين قومپرست اڳواڻن کي جيل ۾ وڌو ويو. 1960ع تائين جيل ۾ رهڻ کان پوءِ سائين جي ايم سيد جي صحت جي خرابيءَ جي ڪري کيس مارچ 1966ع تائين سن ۾ نظربند رکيو ويو. نظربندي ختم ٿيڻ شرط ئي، سيد صاحب جون 1966ع ۾ ”بزم صوفياء سنڌ“ جو بنياد وڌو. جون 1967ع ۾ سيد کي گرفتار ڪري بزم صوفياء سنڌ تي پابندي مڙھي وئي. مارچ 1969 ۾ عوام جي سخت احتجاج کي ڏسندي سيد کي آزاد ڪيو ويو. آزادي کان پوءِ سيد سنڌ متحده محاذ ٺاھيائين. 1971ع ۾ بنگالي اڪثريت ۾ ھوندي به پنجابي اقليت جي ظلمن ۽ ناانصافين کان تنگ ٿي پاڪستان کان ڌار ٿي ويا. جنھن کان پوءِ سيد عنصرن جي روين کي پرکيندي، سنڌ جي بقا ۽ خوشحالي کي سنڌ جي آزاديءِ ۾ سمجھندي، سنڌ جي آزاديءَ جو نعرو بُلند ڪيو. جنھن جي ڏوھ ۾ کيس نظربند ٿيڻو پيو، قيد ڪاٽڻا پيا ۽ پنهنجي ارڏن پيروڪارن ۽ ڌرتي جي ڪونڌر پٽن کي ڌرتي مٿان جان نثار ٿيندي ڏٺو. ساهه جي آخري دم تائين سنڌ لاءِ سوچيندو ۽ جدوجهد ڪندو رهيو. تاريخ گواھ آهي ته جنهن ويل به سنڌ مٿان سامراج جو قھر ٽُٽو ۽ مختلف روپن ۾ سازشي ھوائن ماتر ڀومي سنڌ جو رخ ڪيو تڏھن سائين جي ايم سيد وطن جي دفاع لاءِ سازشين ۽ سامراج خلاف اڏول ٿي بيٺو رھيو. سنڌ جي خوشحالي ۽ آزادي واري راھ تي ھلندي شايد ئي ڪوئي عذاب ھجي جيڪو سائين جي ايم سيد سنڌ جي عشق ۾ ڀوڳيو نه ھجي. سندس لاء جيلن جا در کليا، کيس نظربند ڪيو ويو، سندس تحرير ۽ تقرير تي بندش وڌي وئي، سندس مٿان مختلف تھمتون ھڻي نقادن بيجا تنقيد ڪئي پر تنهن باوجود به سنڌ جي سيد، وطن جي عشق ۾، بغير ڪنهن شڪايت جي اھي سڀئي عذاب سٺا. کيس نه ڪا فتويٰ ٽوڙي سگهي ۽ نه ڪا تنقيد پنهنجيءَ راهه تان هٽائي سگھي. سنڌ جي نامياري اديب، معلم، محقق ۽ دانشور سائين محمد ابراھيم چواڻي، اول کان آخر تائين، سيد جي سمجهه سڀاءُ يا سياست جو مرڪز سنڌ ئي ھئي. سائين جي ايم سيد جي سوچ جو دائرو وسيع هو. سندس سوچ انفرادي نه بلڪه اجتماعي هُئي. جيتوڻيڪ ڪيترائي ماڻهو انفرادي طور سوچيندا آهن ۽ انفرادي زندگي جيئڻ جا عادي هوندا آهن، پر سائين ڪڏهن به انفرادي طور نه سوچيو، سندس سوچ ۽ لوچ، سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ هُئي. هن پنهنجي زندگيءَ جي مختلف وقتن ۾ ڪيترائي تاريخ ساز فيصلا ڪيا؛ سياسي طور ڪيتريون تبديليون آندائين، اهڙيءَ ريت سائين جي ايم سيد جي زندگي، عمل جي ميدان ۾ گُذري. پاڻ سدائين سنڌ سان عشق سبب سنڌي عوام جي هُجومن ۾ رهيو، ۽ عوام سان گڏ رهيو.

هي جو پوڙهو جُهور وڙهندي ٿيو ويڙهه ۾،

اڃا ڏمري ڏاڍ تي، آڻ نه مڃي مور،

سوچي ڏسي ڏور، ايندڙ آرڻ ڏينهڙا.

(شيخ اياز)

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.