روس ۾ حڪمران جماعت نئين وزيراعظم جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي

 

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس ۾ حڪمران جماعت ”متحده روس“ پنهنجي هڪ اجلاس ۾ نامزد ملڪي وزيراعظم ميخائل ميشُوسٽِن جي نالي جي گڏيل طور منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ پارليامينٽ نئين وزيراعظم جي نامزدگي جي منظوري ڏيندي.

روسي پارليامينٽ جو هيٺيون ايوان دوما اڄ 16 جنوري تي پنهنجي هڪ خاص اجلاس ۾ ميخائل ميشُوسٽِن جي نامزدگي جي منظوري ڏيندو.

دوما ۾ حڪمران جماعت کي واضح سرسي حاصل آهي ۽ وزيراعظم جي نامزدگي جي منظوري ڏکي نه هوندي.

واضح رهي ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن طرفان دستوري ترميمون متعارف ڪرائڻ جي تجويزن کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي سالن تائين وزيراعظم رهندڙ ديميتري ميدويديف ڪالهه اربع ڏينهن پنهنجي ڪابينا سميت استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.

پيوٽن تجويز ڪيل دستوري ترميمن جي تفصيلن جو اعلان اڃا ناهي ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.