صندل خٽڪ هراسان ڪرڻ خلاف عدالت پهچي وئي…!

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪ اسٽار صندل خٽڪ لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.

صندل خٽڪ سيشن ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ الزام هنيو آهي ته ايف آءِ اي مون کي هراسان ڪري رهي آهي، ان کي روڪيو وڃي.

ٽڪ ٽاڪ اسٽار طرفان داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ايف آءِ اي مون کي 28 آڪٽوبر ۽ 5 نومبر 2019 تي نوٽيس جاري ڪري جاچ لاءِ پيش ٿيڻ جو چيو هو، اهو به نه ٻڌايو ويو ته منهنجي خلاف ڪهڙي ڪيس ۾ جاچ جاري آهي.

ماڊل درخواست ۾ عدالت کي اپيل ڪئي آهي ته ايف آءِ اي کي منهنجي خلاف جاري جاچ بابت سمورا دستاويز عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

پنهنجي درخواست ۾ صندل خٽڪ اهو به چيو آهي ته مان ڪنهن قسم جي ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث ناهيان رهي ۽ ملڪ جي معصوم شهري آهيان.

عدالت ماڊل جي درخواست تي ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪندي 4 فيبروري تي دستاويزن سميت طلب ڪري ورتو آهي.

واضح رهي ته صندل خٽڪ ساٿي ماڊل حريم شاهه سان گڏ تڪراري ويڊيوز ٺاهڻ جي حوالي سان شهرت رکي ٿي ۽ ٻنهي ماڊلز جو سياسي اڳواڻن سان پڻ تصويرون ۽ ويڊيوز وائرل ٿيڻ کانپوءِ چرچو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.