اداڪارا فريال محمود ننڍپڻ بابت اهم انڪشاف ڪري ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني مشهور اداڪارا فريال محمود پنهنجي ننڍپڻ بابت اهم انڪشاف ڪندي چيو آهي ته ويڳي پيءُ ننڍپڻ ۾ ٽن سالن تائين زيادتي ڪئي ۽ خوف سبب پنهنجي والده کي ڪجهه نه ٻڌائي سگهيس.

هڪ انٽرويو ۾ اداڪارا چيو ته ننڍپڻ ۾ ئي منهنجي امڙ ۽ پيءُ ۾ عليحدگي ٿي وئي هئي ۽ ٻنهي ڄڻن ٻي شادي ڪري ورتي جڏهن ته آئون پنهنجي والده سان گڏ رهندي هئيس. هن چيو ته والده ٻي شادي کي به ٽوڙي ٽيون ڀيرو شادي ڪئي پر مون 18 سالن جي عمر ۾ گهر ڇڏي ڏنو هو ۽ شوبز ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو، شروع ۾ اهڙو وقت به آيو جو مون و ٽ کائڻ لاءِ به ڪجهه نه هوندو هو ۽ هڪ دوست منهنجي کائڻ پيئڻ جو بندوبست ڪندي هئي.

هن چيو ته هڪ ڏينهن مون تنگ ٿي پنهنجي پيءُ کي فون ڪيو ۽ کيس ٻڌايو ته آئون تڪليف ۾ آهيان ۽ هن چيو ته آئون هن وٽ هلي وڃان، جنهن تي آئون هڪ سال پيءُ سان گڏ رهڻ بعد نيو يارڪ هلي ويس ۽ اتي هڪ چيني عورت جي گهر ۾ ڪمرو ورتو ۽ پيزا ڊليوري جو ڪم به ڪيو.

اداڪارا انڪشاف ڪيو ته زندهه رهڻ جو ڪو مقصد نه رهڻ سبب ڪيترائي ڀيرا آپگهات جي ڪوشش به ڪئي پر ڪجهه ماڻهن منهنجي مدد ڪئي ۽ زندگي ڏانهن ٻيهر آڻڻ لاءِ بحالي اداري ۾ داخل ڪرايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.