ايريگيشن ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ پيادل مارچ ڌاٻيجي پهچي ويو

وامي آواز رپورٽ
ايريگيشن ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ پيادل مارچ ڌاٻيجي پهچي ويو
وامي آواز رپورٽ ايريگيشن ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ پيادل مارچ ڌاٻيجي پهچي ويو

 

 

 

ايريگيشن ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ ڀٽ شاهه کان نڪتل پيادل مارچ ڌاٻيجي پهچي ويو.

ميان عبدالرحيم ڀاري، صوبائي اقبال احمد لاڙڪ، خليل احمد، ياسر لاڙڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڌاٻيجي پهتو ته گل جي ورکا ڪري مانائتو آڌر ڀاءُ ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ايريگيشن کاتي سنڌ جي ملازمن کي اڃان تائين سن ڪوٽا، صحت ڪارڊ، پروموشنل پوسٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي ٽائم اسڪيل ۽ ٻيون مراعتون ملي ناھن سگھيون.

هنن چيو ته ايريگيشن کاتي سميت آر بي او ڊي ۽ ايل بي او ڊي ادارن ۾ ٻاھريان ماڻھون ڀرتي ڪري ادارن کي ھٿ وٺي تباھه ڪيو پيو وڃي.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ٻين کاتن جي ملازمن جيان ايريگيشن ملازمن کي به جائز حق ڏنا وڃن

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.