جروار: پيرسن ڳوٺاڻي طرفان نابين اولاد جي علاج ۽ مالي سهائتا جي اپيل

وامي آواز رپورٽ
جروار: پيرسن ڳوٺاڻي طرفان نابين اولاد جي علاج ۽ مالي سهائتا جي اپيل
وامي آواز رپورٽ جروار: پيرسن ڳوٺاڻي طرفان نابين اولاد جي علاج ۽ مالي سهائتا جي اپيل

 

 

جروار جي پيرسن ڳوٺاڻي نابين اولاد جي علاج ۽ مالي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.

ڳوٺ صاحب خان لنڊ جا رهواسي ھڪ ئي گھر جا ٽي نوجوان،  نارائڻ،  شيوڪ رام ۽ نريش اکين جي روشني کان محروم بڻيل آھن.

عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي نوجوانن چيو ته هو ننڍ پڻ کان اکين جي نور کان محروم آهن، هو به ٻين جيان عام زندگي گذارڻ چاهين ٿا.

نوجوانن جي ولد پريتم داس ٻڌايو ته هو پورهيو ڪري گذر سفر ڪندو آهي، ان باوجود اولاد جو علاج ڪرايو، پر هاڻ وٽ وڌيڪ سگهه ناهي.

پيرسن پريتم داس مطالبوڪيو اولاد جوعلاج ڪرائي اکين جي روشني واپس ڏياري وڃي

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.