خدائي خدمتگار راءِ اوڌو داس کي شڪارپور واسين جي ڀيٽا

وامي آواز رپورٽ
خدائي خدمتگار راءِ اوڌو داس کي شڪارپور واسين جي ڀيٽا
وامي آواز رپورٽ خدائي خدمتگار راءِ اوڌو داس کي شڪارپور واسين جي ڀيٽا

 

 

 

خدمت جو جذبو ڪنهن به نسل، قوم يا مذهب سان واسطو رکڻ جو محتاج نه ٿو هجي ، ان  لاءِ بس انسان هجڻ ئي ڪافي هجي ٿو ، شڪارپورجو سنڌي هندو اوڌو داس تارا چند به انهن چند خلق جي خدمتڪارن مان هو جيڪي پنهنجي خدا ترسي وسيلي مالڪ جي مخلوق جي ڀلائي لاءِ وس ۽ وت آهر ڪردار ادا ڪري نهايت ئي نهٺائي ۽ خاموشِي سان نڪتا هليا ويا ، پر اڄ  به انهن جي اها قرباني ڪير وساري نه سگهيو آهي ، راءِ اوڌو داس جنهن ورهاڱي کان اڳ سهڻي شهر شڪارپور ۾هڪ اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکيو ۽ جڏهن اها آربي يو ٽي اسپتال جڙي راس ٿي ته ان جي مک دروازي اڳيان فرش تي پنهنجو نالو ان ڪري اڪرائي ڇڏيو ته جڏهن به مريض صحتياب ٿي اسپتال مان نڪري ان جي نالي تي پير رکي نڪرندو ته سندس روح کي سڪون ۽ شانتي ملي سگهندي، انهيءَ اوڌو داس کي سندس جنم ڏينهن تي شڪارپور واسين  کيس ساريندي سندس مجسمي اڳيان ميڻ بتيون ٻاري  ۽ گلن جي ورکا ڪري ڀرپور ڀيٽا پيش  ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته هتان جي رهواسين پنهنجي محسنن کي ڪڏهن به وساريو ناهي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.