خانڳڙهه جي مڪاني کاتي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان

خانپورمهر (ت ر ) خانپورمهر ۾ شاھ لطيف لوڪل گورنمينٽ ايمپلائيز يونين يونٽ ٽائون ڪاميٽي خانڳڙھ جي ملازمن پاران يونين چيئرمين خادم حسين مهر جي سرپرستي ۾  گڏجاڻي ڪوٺائي وئي،ان موقعي تي خانڳڙھ تعلقي  جي ملازمن چيو ته اسان فيڊريشن سنڌ  سان گڏ آهيون جيڪي ملازمن جي جائز حقن لاءِ جدوجهد جاري رکن ٿا، يونين جي چيئرمين  خادم حسين مهر، صدر امان الله مهر، راشد علي مهر، جنرل سيڪريٽري اڪرم مگڻهار، عبدالحفيظ سومري، مير محمد مهر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو  ته اسان تعلقي خانڳڙھ جا ملازم فيڊريشن سنڌ سان گڏ آهيون ٽائون ملازمن  جا جائز مطالبا منظور ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي، ڪتي به ملازمن سان مسئلو پيش ايندو اسان ساڻن گڏ آهيون، يونين اڳواڻ خادم حسين مهر چيو ته تعلقي خانڳڙھ جا ملازم حافظ مشتاق احمد ڪوريجو، عبدالهادي مرکياڻي ۽ ٻيا اڳواڻ اسان هر وقت گڏ هوندا.6

سلطان آباد لڳ اسڪول نه ملڻ تي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار

سلطان آباد (ن ع آ )  يوسي شاھپور رضوي جي ڳوٺ دائوڊ ڪيريو جي رهواسين شيرمحمد ڪيريو جي اڳواڻي ۾ اسڪول جي ڳوٺ ۾ عمارت نه هئڻ ڪري احتجاج ڪيو.ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته 50 سالن کان رهاڪو آهيون.ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ عمارت ناهي تڪ جي چونڊيل نمائيندن توڙي ضلعي انتظاميه کي پڻ درخواستون ڏنيو آهن.پر ڪير به ٻڌڻ وارو نه آهي.انهي ڪري انتظاميه جي اکين مان ننڊ اڏائڻ لاءِ هي انوکو احتجاج ڪري رهيا آهيون.جيستائين اسان جا مطالبا پورا نه ڪيا ويندا تيستا.ئين  پنهنجن ٻاڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيارينداسين.انهن وڌيڪ چيو ته پوليو جا ڦڙا نه پيارڻ سان به ماڻهو محتاج ٿي وڃي ٿو. پر جي تعليم جنهن ماڻهو کي نٿي ملي اهي به محتاج ئي رهندا ڳالھه ته ساڳي فرق صرف اهو آهي. ته پوليو جا ڦڙا پيارڻ سان جسماني طور محتاجي ٿيندي جڏهن ته تعليم نه ملڻ جي ڪري ذهني طور محتاجي ٿيندي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.