قمبر ۾ بيمار نوجوان جي علاج لاءِ وارثن جو احتجاج

قمبر (ڊ ر) قمبر جي گوپانگ پاڙي جو نوجوان شاگرد امان الله گوپانگ  ڪافي عرصي کان گڙدن جي بيماري ۾ ورتل آهي، جنهن کي ڪراچي جي سرڪاري اسپتال ۾ علاج واسطي نيو ويو هو جتي اسپتال عملي پاران کيس ڪڍي ڇڏيو، نوجوان جي وارثن پاران پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪندي لالا واجد گوپانگ،علي رضا گوپانگ،طاهر حسين گوپانگ،آزاد علي گوپانگ،دانيال مگسي،رحيم خان ۽ سندس ڀاءُ حبدار علي، سميع الله گوپانگ دانهيندي چيو ته نوجوان جا ٻئي  گڙدا ختم ٿي ويا آهن، سندس حياتي خطري ۾ آهي، سرڪاري اسپتال ۾ علاج بدران نوجوان کي نيڪالي ڏني وئي، نوجوان جي علاج تي  35 کان 40 لک خرچ اچي ٿو، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوان جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي سندس زندگي بچائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.