ماٿيلي ۾ ناري جو لاش رکي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو، ڪيس داخل، هڪ جوابدار گرفتار

گهوٽڪي / مومل جي ماڙي/ميرپور ماٿيلو (نمائندن وٽان ) گهوٽڪي ويجھو ڳوٺ ولو مهر ۾  6  مهينا اڳ پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان ناري مبينا ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي مڙس هٿان قتل ٿي وئي.اهڙي واقعي بعد ناري رخسانه شيخ جي وارثن جو مير محمد شيخ، قلندر بخش شيخ،مائي شهزادي،مائي گلزاران ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ناري  جي مڙس عبدالله  مھر ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ  ميرپورماٿيلو ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو لاش رکي رکي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.جڏهن ته نيشنل هاءِ وي مسلسل 4 ڪلاڪ بند رهيو ۽ اطلاع تي ڌرڻي واري هنڌ وڏي پوليس نفري پهچي وئي، سنڌ پنجاب کان ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون،جڏهن ته ايس ايس پي گهوٽڪي فرخ لنجار جي خاطري تي احتجاج ختم ڪيو ويو.ان موقعي تي قتل ٿيل ناري رخسانه شيخ جي پيءُ مير محمد شيخ ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي نياڻي رخسانه شيخ کي سندس مڙس عبدالله مهر بنا جواز قتل ڪيو آهي، جنهن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. ڌرڻي بعد ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پي گهوٽڪي پهچي ڳالهيو ڪري جوابدار کي جلد گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي , جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو , هوڏانهن ڌرڻو ختم ڪرڻ بعد ناري جي ولد مير محمد شيخ  جي فرياد تي 3 جوابدارن  عبيدالله مهر , شوڪت مهر , شفقت مهر تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي , جنهن بعد گهوٽڪي پوليس ڪاروائي ڪندي هڪ جوابدار شفقت مهر کي پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو .6

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.