وڏي عمر جي ماڻهن بدران نوجوانن م پيٽ جي ڪينسر وڏي وئي: تحقيق

عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته ڪيسنر سوڌي ٻيا موذي مرض وڏي عمر جي ماڻهن يا اڌ عمر جي ماڻهن کي هوندا آهن ۽ هاڻ  هڪ تحقيق موجب پيٽ جي ڪينسر نوجوانن ۾ وڌي وئي آهي.

آمريڪا جي يونيورسٽي مايو ڪلينڪ جي ماهرن طرفان ڪيل هڪ مطالعاتي تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته گذريل 20 ورهين دوران  پيٽ جي ڪينسر وڏي عمر جي ماڻهن بدران نوجوانن ۾ وڌي وئي آهي.

هڪ سائنسي رسالي ۾ ڇپيل رپورٽ موجب آمريڪا جي مايو ڪلينڪ جي ماهرن 1973ع کان 2015ع تائين پيٽ جي ڪينسر ۾ مبتلا ماڻهن جي ميڊيڪل رڪارڊ جو جائزو ورتو.

ماهرن جن ماڻهن جي ميڊيڪل رڪارڊ جو جائزو ورتو انهن ۾ هر طرح جي عمر جا ماڻهو شامل هئا.

ماهرن 60 سالن کان وٺي 30 سالن جي ماڻهن جي پيٽ جي ڪينسر جي بيماري جو جائزو ورتو ۽ متاثر ماڻهن ۾ بيماري جي سببن جي ڊيٽا جو به جائزو ورتو.

رپورٽ موجب ماهرن کي جائزي مان خبر پئي ته گذريل 2 کان 3 ڏهاڪن  دوران پيٽ جي ڪينسر ۾ مبتلا گھڻا ماڻهو ننڍي عمر جا هئا.

ماهرن جو چوڻ هو ته عام طور تي 1970 جي ڏهاڪي  ۾ جيتوڻيڪ 60 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جا ماڻهو پيٽ جي ڪينسر ۾ مبتلا هوندا هئا پر وڏي عمر جي ماڻهن جو  ڪينسر ۾ مبتلا هجڻ جي رفتار گھٽ ڏٺي وئي.

ماهرن جو چوڻ هو ته رڪارڊ مان خبر پئي ته گذريل 2 ڏهاڪن ۾ پيٽ جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿيل گھڻا ماڻهو نوجوان يا ننڍي عمر جا هئا ۽ حيران ڪندڙ طور تي وڏي عمر جي ماڻهن يا اڌ عمر جي ماڻهن ۾ ڄاڻايل بيماري جي گھٽتائي ڏٺي وئي.

ڄاڻايل جائزي کي پيٽ جي ڪينسر جي تحقيق جي حوالي سان هن وقت تائين جي سڀ کان وڏي تحقيق چيو پيو وڃي.

ماهرن پنهنجي رپورٽ ۾ اهو واضح ڪيو ته گذريل 2 کان 3 ڏهاڪن ۾ وڏي عمر جي ماڻهن يا اڌ عمر جي ماڻهن بدران نوجوانن جي پيٽ جي ڪينسر ۾ مبتلا هجڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟

پر ماهرن چيو ته ڊيٽا مان اها ڳالهه خبر پئي ته 30 ورهين جي عمر ۾ پيٽ جي ڪينسر ۾ مبتلا هجڻ واران مريضن کي ڪيسنر جون دوائون ۽ ڪيموٿراپي به خاص فائدو ناهي ڏئي رهي.

ماهرن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وڌيڪ تحقيق ڪري نوجوانن ۾ پيٽ جي ڪينسر جا سبب ڄاڻڻ سوڌو اهو به معلوم ڪجي ته انهن تي دوائون اثر ڇو ناهن ڪري رهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.