نوشهري فيروز ۾ٽرالر ۽ چنگجي ۾ ٽڪر، نوجوان فوت

نوشهروفيروز (ويب ڊيسڪ) نوشهرو فيروز ۾ تيز رفتار ٽرالر ۽ چنگچي رڪشي وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ رڪشا سوار 16 سالن جو نادر علي ولد گل محمد رند حياتي وڃائي ويٺو.

قومي شاهراهه تي نانگو شاھ موري وٽ ٽرالر ۽ نوشهروفيروز کان ڳوٺ فتو ٻلال ڏانهن گجرون کڻي ويندڙ چنگجي رڪشي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ رڪشا ۾ سوار 16 سالن جو نادر علي ولد گل محمد رند فوت ۽ ڊائيور در محمد رند زخمي ٿي پيو.

واقعي بعد فوتي ۽ زخمي کي سول اسپتال نوشهروفيروز آندو ويو، جتي زخمي ڊرائيور کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

ٻئي پاسي فوتي نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.