وارنر ۽ فنچ رڪارڊ جوڙي ڇڏيا، ڀارت کي لڄائيندڙ شڪست

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا پهرين ون ڊي ميچ ۾ ڀارت کي 10 وڪيٽن تان لڄائيندڙ شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.

ممبئي ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڀارتي ٽيم 49.1 اوورن ۾ 255 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.

ڀارت طرفان شيکر ڌون سڀ کان وڌيڪ 74 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ لوڪيش راهول 47، رشاڀ پنت 28، رويندرا جديجا 25، ڪلديپ يادو 17 ۽ ڪپتان ورات ڪوهلي 16 رنسون ٺاهي سگهيو.

آسٽريليا طرفان مچل اسٽارڪ 3، پيٽ ڪمنز ۽ رچرڊسن 2-2، جڏهن ته ايڊم زمپا ۽ ايشٽن ايگر هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: بنگلاديش نيٺ پاڪستان اچڻ جي حامي ڀري ورتي، شيڊول طئه

جواب ۾ آسٽريلوي اوپنرن ڊيوڊ وارنر ۽ ڪپتان ايرون فنچ ڀارتي بالرن کي وڪيٽ لاءِ سيڪائي ڇڏيو ۽ ڪينگروز بنا ڪنهن نقصان جي هدف ماڻي ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏئي ڇڏي.


آسٽريليا طرفان ڊيوڊ وارنر 17 چوڪن ۽ 3 ڇڪن جي مدد سان 128 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته ايرون فنچ 110 رنسون ٺاهيون، سندس اننگز ۾ 13 چوڪا ۽ 2 ڇڪا شامل هئا.

مهمان ٽيم 37.4 اوورن ۾ بنا ڪنهن نقصان تي ٽارگيٽ پورو ڪري ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.

ميچ جو بهترين رانديگر ڊيوڊ وارنر کي قرار ڏنو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.