ن ليگ بوٽ کي چمي ڏئي عزت ڏني…! فيصل واوڊا فوجي بوٽ سميت پروگرام ۾

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آبي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ” بوٽ“ ٽيبل تي رکي مخالف ڌر کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.

خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ فيصل واوڊا بوٽ ٽيبل تي رکيو ۽ چيو ته مسلم ليگ ليٽي بوٽ کي عزت ڏني آهي، بوٽ کي چمي ڏئي عزت ڏني آهي، ڪا شرم ۽ حيات آهي؟ قوم هنن جي اصليت ڏسي ورتي.

هن چيو ته جڏهن پ پ ترميم کڻي آئي هئي ته واپس ڇو ورتي؟

ان دوران پيپلز پارٽي جي قمر زمان ڪائره چيو ته جيڪڏهن بوٽ سامهون رکي اِهو چئي رهيا آهيو ته جيڪو ڪرايو آهي فوج ڪرايو آهي ته هن جي چوڻ جو مطلب آهي ته پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ هنن جي چون تي نه پر فوج جي دٻاءَ تي ووٽ ڏنو آهي.

ان صورتحال کان پوءِ قمر زمان ڪائره ۽ ن ليگ جا جاويد عباسي پروگرام ڇڏي هليا ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.