عمران خان سياسي آپگهات ڪري چڪو، استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي…!

ملتان(ويب ڊيسڪ) سينيئر سياستدان جاويد هاشمي چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان هڪ ڪٺ پتلي وزير اعظم آهي، هو سياسي آپگهات ڪري چڪو آهي، هاڻ هن کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن عمران خان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ته هن جي ٿوري عزت بچي ويندي، هو اسيمبليون ٽوڙڻ کان سواءِ گهر هليو وڃي.

هن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اميدن جي موجب آهي، عدالت عاليه اِهو فيصلو ڏئي خاص عدالت جي دٻاءَ کي دوکو ڏنو آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ آئين بڻجندا ۽ ٽٽندا رهندا آهن، اسان جي معيشت کي سياستدانن تباهه ڪيو ۽ چار جرنلن ان کي سنڀاليو آهي، آئين ٽوڙيندڙ وڌيڪ معتبر آهن.

جاويد هاشمي چيو ته سنگين غداري ڪيس جي نظرثاني جي درخواست سپريم ڪورٽ کي ڏيڻ گهرجي.

سينيئر سياستدان چيو ته اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف ٽي ڀيرا آئين ٽوڙيو، هي سڀ جي سامهون آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.