ميان صاحب ۾ ماني دير سان پچائڻ تي مڙس زال کي قتل ڪري ڇڏيو

ميان صاحب (ويب ڊيسڪ) ميان صاحب ۾ ماني دير سان پچائڻ تي مڙس گهر واريءَ کي قتل ڪري ڇڏيو.

ميان صاحب ويجھو ھمايون ٿاڻي جي حد ڳوٺ راھڙي ۾ گھرو اڻبڻت ۽ ماني دير سان پچائي ڏيڻ تي جوابدار محمد خان معرفاڻي پنھنجي گھرواري چئن ٻارڙن جي ماءُ 30 ورھين جي مسمات حضوران کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو.

قتل جي اطلاع ملڻ تي ھمايون ٿاڻي جي پوليس قتل واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال شڪارپور کڻائي وئي جنھن بعد ضروري قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو.

رابطو ڪرڻ تي پوليس صحافين کي ٻڌايو ته پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي ۽ جوابدار کي جلد گرفتار ڪري مقتولا کي انصاف فراهم ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.