چمبڙ ۾ 9 مهينن جي معصوم ٻارڙيءَ کي پوليو جو شڪ

چمبڙ (ويب ڊيسڪ) چمبڙ ۾  9 مھينن جي معصوم ٻارڙي کير پياڪ ڪومل رند کي شڪي پوليو جو ڪيس ظاھر ٿيو آهي، معصوم نياڻي جي ھڪ ڄنگھه جو ماس سڪڻ لڳو.

يوسي راوت لغاري جي ڳوٺ نظر علي رند ۾ پورھيت اياز رند جي 9 مھينن جي کيرپياڪ معصوم ٻارڙي ڪومل رند کي شڪي پوليو جو ڪيس ظاھر ٿيو آھي. وارثن موجب معصوم ڪومل رند جي ھڪ ڄنگھه جو ماس گذريل ٻن مھينن کان سڪندو پيو وڃي ۽ ڄنگھه ڪم پڻ نه پئي ڪري.

ٽنڊوالھيار جي خانگي اسپتالن جي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته ٻارڙي کي پوليو ٿي سگھي ٿو، اھڙي اطلاع تي ضلعي ٽنڊوالھيار جي صحت کاتي جي جوڙيل پوليو جي ٽيمن ڳوٺ نظرعلي رند پھچي متاثر ٻارڙي جا جزا ورتا ۽ پوليو جون ٽيسٽون پڻ ڪيون آھن.

ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊي سي ٽنڊوالھيار رشيد احمد زرداري ٻڌايو ته ھي ڪيس پيرالائيز ڪيس به ٿي سگھي ٿو، اسان وٽ ضلعي اندر اھڙا 30 کان 35 ڪيس ظاھر ٿيا آھن، جيڪي پيرا لائيز ڪيس ھئا، جن کي پوليو نه ھئي، ڊبليو ايڇ او جي جوڙيل ٽيم ٻارڙي جون اٺن مان شروعاتي ٻه ٽيسٽون ڪيون آھن ۽ باقي 6 ٽيسٽون ڪيون وينديون.

هن چيو ته پوليو جي ٽيسٽ ليبارٽري اسلام آباد ۾ هجڻ ڪري ٻارڙي جي ٽيسٽ رپورٽن ۾ 10 کان 15 ڏينھن لڳندا ۽ مڪمل ٽيسٽ رپورٽون اچڻ بعد ئي پوليو جي تصديق ڪري سگھجي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.