ميرپور ماٿيلو ۾ مڙس هٿان زال قتل، وارثن جو انصاف لاءِ قومي شاهراهه تي ڌرڻو

ميرپورماٿيلو (ويب ڊيسڪ) ميرپور ماٿيلو ۾ هڪ سال اڳ پرڻو ڪندڙ جوابدار پنهنجي زال کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

ميرپور ماٿيلي ڀرسان ڳوٺ ولو مهر ۾ سال اڳ عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري رخسانه شيخ کي سندس مڙس عبيدالله مهر گذريل رات پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

مقتولا ناري جي وارثن ايس ايس پي آفيس گهوٽڪي آڏو قومي شاهراهه تي انصاف لاءِ ڌرڻو هنيو جنهن سبب ٽن ڪلاڪن تائين قومي شاهراهه تي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل رهي ۽ مسافر پريشاني جو منهن ڏسندا رهيا.

مقتولا ناريءَ جي والد حاجي مير محمد ۽ ڀاءُ الطاف احمد شيخ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان جي نياڻي کي ناحق قتل ڪيو ويو آهي.

وارثن پوليس تي الزام هڻندي چيو ته گهوٽڪي پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران انهن کان ڳري رشوت وٺي سندن خلاف ڪيس داخل نه پئي.

پوليس پاران وارثن کي جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۽ کين انصاف فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائڻ کان پوءِ احتجاج جي ٽن ڪلاڪن بعد قومي شاهراهه ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.