ايم ڪيو ايم عوام کي بيوقوف پئي بڻائي…! پ پ جو رد عمل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نثار کهڙي جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊن جي لاءِ عوام کي بي وقوف بڻائي رهي آهي ته اِهو غلط آهي.

تفصيل موجب پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نثار کهڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت ۾ اتحادي سنڀالڻ جي اهليت ناهي، وفاقي حڪومت ملڪ، عوامي مسئلا به حل ڪرڻ جي اهل ناهي.

نثار کهڙي جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جي سامهون جواب ڏيڻو پوندو، ڇا هو رڳو وزارتن جي لاءِ وفاقي حڪومت ۾ آهي، ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

صوبائي صلاحڪار جو چوڻ هو ته مڪاني چونڊن کان پهرين ڪير به عوام سان دوکو نه ڪري، ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊن جي لاءِ عوام کي بيوقوف بڻائي رهي آهي ته اِهو غلط آهي.

نثار کهڙي جو چوڻ هو ته سڄي ملڪ جو عوام تبديلي مان آزادي چاهي ٿو، مهانگائي ماڻهن جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي، پيٽرول، بجلي گيس سميت کائڻ پيئڻ جون شيون مهانگيون ٿي رهيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.