سڄي دنيا جا ڪمپيوٽر ”ونڊوز 7“ جي اپڊيٽ کان محروم ٿي ويا

سموري دنيا جي ڪمپيوٽرن ۽ ليپ ٽاپس کي ڪوآپريٽنگ فراهم ڪندڙ آمريڪي ملٽي نيشنل ڪمپني مائيڪرو سافٽ سڄي دنيا جي ڪمپيوٽرن تي موجود ونڊوز 7 آپريٽنگ سسٽم جي اپڊيٽ جي فراهمي ختم ڪري ڇڏي.

مائيڪرو سافٽ طرفان ”ونڊوز 7“ جي اپڊيٽس جي فراهمي بند ڪرڻ کان پوءِ سڄي دنيا جا ڪروڙين ڪمپيوٽر 14 جنوري 2020ع کان ”ونڊوز 7“ جي ڪنهن به اپڊيٽ کان محروم ٿي ويا.

مائيڪرو سافٽ هڪ سال اڳ ئي اعلان ڪيو هو ته ڪمپني جنوري 2020ع مان ”ونڊوز 7“ جي اپڊيٽ جي فراهمي معطل ڪري ڇڏيندي ۽ هاڻ ڄاڻايل آپريٽنگ سسٽم جي فراهمي  بند ڪئي وئي آهي.

سڄي دنيا ۾ هن وقت به 32 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاپ ”ونڊوز 7“ تي ڪم ڪري رهيا آهن يعني دنيا جي هر ٽن ڪمپيوٽرن مان هڪ ڪمپيوٽر تي ڄاڻايل آپريٽنگ سسٽم موجود آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب مائيڪرو سافٽ ”ونڊوز 7“ ذريعي ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاپ هلائيندڙ ماڻهن کي مشورو ڏنو آهي ته هو 14 جنوري 2020ع کان پوءِ پنهنجي سسٽمز ۾ ڪمپني جو مشهور آپريٽنگ سسٽم ”ونڊوز 10“انسٽال ڪن.

ڪمپني موجب ”ونڊوز 10“ کي 139 آمريڪي ڊالرن عيوض خريد ڪري سگھجي ٿو ۽ ان آپريٽنگ سسٽم جي اپڊيٽ جي فراهمي جاري رهندي.

گڏ ئي مائيڪرو سافٽ ماڻهن کي مشهورو ڏنو آهي ته جيڪڏهن هنن وٽ ٽن سالن کان پراڻو ڪمپيوٽر آهي ته اهي ”ونڊوز 10“ وارو نئون ڪمپيوٽر خريد ڪن.

ڪمپني اهو به واضح ڪيو آهي ته جيتوڻيڪ 14 جنوري 2020ع کان ”ونڊوز 7“ جي اپڊيٽ جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي پر ڄاڻايل آپريٽنگ سسٽم تي هلندڙ ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاپ ڪم ڪندا رهندا.

ڪمپني خبردار ڪيو آهي ته اپڊيٽ کان سواءِ ونڊوز 7 تي هلندڙ ڪمپيوٽرن ۽ ليپ ٽاپس تي وائرس حملو ڪري سگھي ٿو ۽ ڄاڻايل ڊوائيسز سائيبر سيڪيورٽي جو مسئلو به بڻجي سگھن ٿا.

ان ڪري ڪمپني ماڻهن ۽ خاص طور تي ادارن ۽ ڪاروباري ڪمپنين کي مشهورو ڏنو آهي ته هو پنهنجي سسٽمن کي ”ونڊوز 10“ تي آڻين يا وري رقم عيوض ”ونڊوز 7“ جي اپڊيٽ جي خاص سروس حاصل ڪن.

واضح رهي ته ونڊوز 7 جي اپڊيٽ ڪمپني طرفان مفت فراهم ڪئي ويندي ۽ ونڊوز 10 جي اپڊيٽ به مفت ئي فراهم ٿيندي آهي پر پهريون ڀيرو آپريٽنگ سسٽم کي قيمت تي خريد ڪرڻو پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.