حڪومت اهم شعبي جي بجيٽ ٻيڻي ڪري ڇڏي…!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته حڪومت سماجي شعبي جي لاءِ مختص بجيٽ کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي.

 تفصيل موجب ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ سان فرانسيسي ڊاڪٽر مارڪ بريٽي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل لاڳاپن ۾ هٿي، سيڙپڪاري جي لاءِ مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي واري صلاحڪار مختلف شعبن ۾ سڌارن، مثبت نتيجن کان فرانسيسي سفير کي آگاهه ڪيو.

ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جو چوڻ هو ته حڪومتي ڪوششن سان معيشت جي رستي گامزن ٿي آهي، معيشت ۾ بهتري سان افراط زر هيٺ ۽ مهانگائي تي ضابطي ۾ مدد ملندي.

ناڻي واري صلاحڪار موجب حڪومت سماجي شعبي جي لاءِ مختص بجيٽ کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي، غريب طبقي جي لاءِ سستين شين ۽ علاج جي لاءِ قدم کنيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ملڪ ۾ واپاري آسانيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪوشان آهي، مختلف شعبن جي پيداواري صلاحيت وڌائي برآمدات وڌائي رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.