بلوچستان ۾ برف پوڻ سبب فوتين جو انگ 21 ٿي ويو

 

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ سخت برف پوڻ کانپوءِ مختلف حادثن ۾ وڌيڪ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 21 ٿي ويو آهي.

صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) اختيارين موجب صوبي ۾ برف پوڻ کانپوءِ وڌيڪ 4 ماڻهو قلعي عبدالله، زوب ۽ مستونگ ۾ فوت ٿيا آهن.

هوڏانهن قلعي سيف الله جي علائقي ڪان مهترزئي، ڪوزڪ ٽاپ ۽ مستونگ جي علائقي لڪ پاس ۾ روڊن جي بحالي جو ڪم جاري آهي.

پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته تربت، چاغي ۽ نوشڪي ۾ برسات سبب گهرن کي وڏو نقصان پهتو آهي، جڏهن ته مهترزئي ۽ خانوزئي ۾ برفاني طوفان ۾ ڦاٿل سڀني مسافرن کي ريسڪيو ويو آهي.

پي ڊي ايم اي موجب ريسڪيو جو ڪم 24 ڪلاڪ جاري رهيو ۽ ڦاٿل 4 سئو کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍي خانوزئي مسلم باغ منتقل ڪيو ويو.

هوڏانهن وڏي وزير ڄام ڪمال جو چوڻ هو ته بلوچستان جي تاريخ ۾ ايتري برف ڪڏهن ناهي پئي، تنهن ڪري ڏکي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون، صوبي ۾ 800 ڪلو ميٽر جي علائقي ۾ برف پئي آهي.

ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي اتر اولهه علائقن ۾ هيل ٿيندڙ غير معمولي برفباري تباهي جو سبب بڻجي وئي آهي، جبلن ۽ ميدانن ۾ ايتري برف پئي آهي جو ٽن ڏينهن ۾ 30 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.