جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ وڏي رقم جي پلي بارگين ٿي آهي: شهزاد اڪبر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) احتساب ۽ گهرو معاملن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار بئريسٽر شهزاد اڪبر چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي ايندڙ تصوير مان لڳي ٿو ته نواز شريف جي طبعيت هاڻ بهتر آهي، جيڪڏهن هو واپس ايندو ته ساڻس جيل ۾ ٻين قيدين جهڙو ورتاءُ ٿيندو.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي شهزاد اڪبر چيو ته نواز شريف جي طبعيت لڳي ٿو ته بهتر ٿي وئي آهي، جيڪڏهن ائين آهي ته کيس واپس اچي باقي سزا جيل ۾ ڪَٽڻ گهرجي، اڳوڻي وزيراعظم جي بيماري سندس عمر ۽ لائف اسٽائل موجب آهي، جيڪڏهن هو واپس ايندو ته ساڻس جيل ۾ باقي قيدين جهڙو ورتاءُ ٿيندو ۽ ان سان امتيازي ورتاءُ نه رکيو ويندو.

هن چيو ته شهباز شريف ڪيس ۾ ڪجهه اهم گرفتاريون ٿيون آهن، مٿس سخت الزام آهن، کيس ۽ سلمان شهباز کي بهرحال انهن ڳالهين جو جواب ڏيڻو پوندو.

سندس چوڻ هو ته جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ وڏا ڪردار به پلي بارگين ڏانهن اچي رهيا آهن ۽ سلطاني شاهد بڻجڻ لاءِ تيار آهن، جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ 9، 10 ارب رپين جي وڏي رقم جي پلي بارگين ٿي آهي ۽ اهو پئسو عدالتن ذريعي قومي ناڻي ۾ جمع ٿي چڪو آهي.

شهزاد اڪبر موجب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ 16 کان وڌيڪ ريفرنس هاڻ فائل ٿيا آهن، پ پ هڪ پراڻي جماعت آهي، تنهن ڪري ڪجهه شخصيتن خلاف ڪيس آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.