بنگلاديش نيٺ پاڪستان اچڻ جي حامي ڀري ورتي، شيڊول طئه

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽيسٽ، ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ميچن جي سيريز جو شيڊول طئه ٿي ويو.

شيڊول موجب سيريز ۾ شامل 3 ٽي ٽوئنٽي، هڪ ون ڊي ۽ 2 ٽيسٽ ميچون پاڪستان ۾کيڏيون وينديون، شيڊول کي حتمي شڪل پي سي بي ۽ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي اعليٰ اختيارين وچ ۾ هڪ ملاقات ۾ ڏني وئي، جڏهن ته آءِ سي سي چيئرمين ششانڪ منوهر سيريز جي شيڊول کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ ساٿي جو ڪردار نڀايو.

نئين شيڊول موجب بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم 24 کان 27 جنوري تائين لاهور ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي جنهن کانپوءِ مهمان ٽيم وطن واپس موٽي ويندي ۽ وري واپسي اچي 7 کان 11 فيبروري تائين راولپنڊي ۾ هڪ ٽيسٽ ميچ کيڏندي.

پي ايس ايل 2020 جي پڄاڻي تي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ هڪ ون ڊي انٽرنيشنل ميچ 3 اپريل تي ڪراچي ۾ کيڏي ويندي جنهن بعد ٻنهي ٽيمن وچ ۾ آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ شامل ٻي ٽيسٽ ميچ 5 کان 9 اپريل تائين ڪراچي ۾ کيڏي ويندي.

چيئرمين پي سي بي احسان ماني بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري کي حتمي شڪل ڏيڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته هو ششانڪ منوهر جي سهڪار تي ٿورائيتو آهي.

پي سي بي جي چيف ايگزيڪٽو وسيم خان چيو ته نئين شيڊول جي تياري ٻنهي بورڊز جي ڪاميابي آهي، بنگلاديش ٽيم ٽي ڀيرا پاڪستان ايندي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان هڪ پرامن ۽ محفوظ ملڪ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.