ڀارت جي غير ذميوار بيانن سان خطي جي امن ۾ خلل پوندو: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اعليٰ عسڪري قيادت چيو آهي ته ڀارتي فوجي قيادت جي غير ذميواراڻن بيانن سان علائقائي امن ۽ استحڪام متاثر ٿي سگهي ٿو.

پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور طرفان جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ قومي سلامتي، جيو اسٽريٽيجڪ، علائقائي سيڪيورٽي، والاريل ڪشمير ۽ لائن آف ڪنٽرول جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ ايران – آمريڪا تڪرار کي نظر ۾ رکندي وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ تفصيلي طور غور ويچار ڪيو ويو.

ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ڀارتي عسڪري قيادت جي پاڪستان لاف شرپسند بيانن جو نوٽيس ورتو ويو ۽ ڀارتي عسڪري قيادت جي بيانن کي غير ذميوار قرار ڏنو ويو.


عسڪري قيادت چيو آهي ته ڀارت جي بيانن سان علائقائي امن ۽ استحڪام تي اثر پوندا.

اجلاس دوران آرمي چيف جو چوڻ هو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان سڀني ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، وطن جي دفاع ۽ قومي سلامتي تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه ڪرڻ بنا پنهنجو هاڪاري ۽ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.