وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڇا ٿيو…؟ فردوس عاشق اعواڻ جي بريفنگ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ متحده قومي موومينٽ جي حوالي سان چيو ته اتحادي حڪومت سان گڏ بيٺا آهيون ۽ بيٺل رهنداسين.

ڪابينا اجلاس کان پوءِ بريفنگ دوران هن چيو ته سموريون اتحادي پارٽيون گڏجي ملڪي ترقي جي لاءِ حڪومت سان گڏ متفق آهن پر جمهوري نظام ۾ اختلاف راءِ هر سياسي پارٽي جو حق آهي.

سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جا خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ايم ڪيو ايم حڪومت کان ناراض ناهيون پر هن جي خدشن جو هر ممڪن ازالو ڪنداسين.

ان کان سواءِ وزير اعظم جي صدارت ۾ ٿيل ڪابينا اجلاس بابت هن ٻڌايو ته 16 مان 15 نڪتن جي منظوري ڏني وئي.

سندس چوڻ هو ته ڪابينا اجلاس ۾ عوامي فلاح ۽ بهبود بابت قدمن تي خاص طور تي اهميت ڏني وئي.

هن چيو ته تحصيل جي سطح تي احساس پروگرام جون آفيسون کوليون پيون وڃن ۽ مزدورن جي مالي ۽ نفسياتي استحصال جي حوالي سان آگاهي مهم جو آغاز ڪيو پيو وڃي.

خاص مددگار ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن ۽ منظورين بابت ٻڌائيندي چيو ته ايئر پورٽس جي ڀرسان ڊگهين عمارتن جي اڏاوت جي لاءِ عالمي اصولن کان رهنمائي ورتي ويندي.

سندس چوڻ هو ته وزير اعظم جي صدارت ۾ ٿيل ڪابينا اجلاس ۾ هيلٿ ڪارڊ جي تحت فراهم سهولتن جي فراهمي ۾ رنڊڪون ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪابينا ۾ صحت واري وزارت ۾ تجويز ڪيل سڌارن جي منظوري ڏني وئي جنهن جي تحت صحت واري وزارت جي نئين سر جوڙ جڪ ٿيندي.

خاص مددگار چيو ته وزير اعظم عمران خان ڪابينا جي اجلاس ۾ 5 هوميو پيٿڪ ميڊيڪل ڪاليجز تي شڪايتن جي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هن ٻڌايو ته ڪابينا موٽرويز تي معذور ماڻهن جي لاءِ قدمن تي اطمينان جوا ظهار ڪيو.

ان کان سواءِ فردوس عاسق اعواڻ چيو ته ڪابينا ٻهراڙي جي عورتن جي سڃاڻپ ڪارڊن لاءِ سڄي ملڪ ۾ جمعي جو ڏينهن مختص ڪيو ويو.

سندس چوڻ هو ته عورتن جي شڪايتن جي تدارڪ جي لاءِ ٽول فري نمبر کان آگاهه ڪيو ويو.

فردوس عاسق اعواڻ ٻڌايو ته موسمياتي تبديلين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي مسئلن جي تدارڪ بابت ڄاڻ جي لاءِ ايپ متعارف ڪرائي ويندي.

هن ٻڌايو ته ڪابينا ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته موسم بابت ڄاڻ جي فراهمي لاءِ سمورن ٽي وي چينلن تي ڪجهه وقت مقرر ڪيو ۽ توانائي واري وزارت عوام جي آگاهي جي لاءِ اشتهاري مهم شروع ڪري رهي آهي.

خاص مددگار ٻڌايو ته مختلف وزارتن مان 1 لک 6 هزار 343 ملازمتن جا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن جڏهن ته وفاقي حڪومت جي مختلف ادارن ۾ 1 لک 29 هزار کان وڌيڪ جايون خالي آهن.

هن دعويٰ ڪئي ته لاڳاپيل ادارا خالي جايون جي بجيٽ وٺي رهيا آهن پر ڀرتيون نه پيون ڪيون وڃن.

سندس چوڻ هو ته وزير اعظم لاڳاپيل وزارتن کي ملازمن جي التوا هيٺ معاملا حل ڪرڻ جي لاءِ 45 ڏينهن جو وقت ڏنو آهي.

ان کان سواءِ فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته وزير اعظم ڊيليوري يونٽ جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.

خاص مددگار ٻڌايو ته ڪابينا ۾ فيصلو ڪيو يوو ته سعودي عرب جي جيلن مان آزاد پاڪستانين جي وارثن جي سهولت جو ڊيٽا بيس بڻايو ويندو.

سندس چوڻ هو ته گم ٿيل ٻارن جي بازيابي جي لاءِ ” منهنجو ٻار“ ايپ معتارف ڪرائي وئي آهي.

 فردوس عاشق اعواڻ چيو ته قومي ايئر لائن بابت شڪايتن ۽ تجويزن جي لاءِ اي سروس جو آغاز ڪري رهيا آهيون.

هن ٻڌايو ته ڪابينا پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ترميم ايئر لائن معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ان کان سواءِ وزير اعظم ٽن سرڪاري شين نئون پاڪستان هائوسنگ کي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.