وفاقي ڪابينا مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي صورتحال سميت خطي جي معاملن تي به غور ويچار ڪيو ويو.

ذريعن موجب اجلاس دوران وزيراعظم وچ اوڀر جي صورتحال تي پاڪستاني موقف تي ڪابينا ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو.

ذريعن جو چوڻ هو ته ڪابينا جي اي سي ايل بابت ذيلي ڪميٽي چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، جنهن جي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.