ڀارت ۾ مودي مخالفن کي ”ڪُتن جيان مارڻ ۽ جيئرو دفنائڻ“ جون ڌمڪيون

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتيا جنتا پارٽي جي سينيئر اڳواڻن موديءَ جي مخالفن کي ”ڪُتن جيان مارڻ ۽ جيئرو دفنائڻ“ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن.

ڀارتي رياست اولهه بنگال ۾ ڀارتيا جنتا پارٽي جي صدر ۽ پارليامينٽ ميمبر دليپ گهوش هڪ عام جلسي کي خطاب ڪندي ڌمڪي ڏني ته سرڪاري هنڌن کي نقصان پهچائيندڙن کي ائين کي گولي هنئي ويندي، جيئن اتر پرديش ۾ ڪيو ويو آهي.

گذريل مهيني احتجاج دوران اتر پرديش ۾ ڪيترين ئي ريلوي اسٽيشنز کي نقصان پهچايو ويو هو ۽ گهوش جي بقول ”ڇا اها انهن جي پيءَ جي ملڪيت آهي؟ اهي انهن سرڪاري هنڌن کي ڪيئن ٿا نقصان پهچائي سگهن، جيڪي ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسن مان ٺهيا هجن.

بي جي پي اڳواڻ احتجاج خلاف سخت ڪارروائي نه ڪرڻ تي اولهه بنگال جي وزير اعليٰ ممتاز بينرجي تي به ڇنڊيندي چيو ته ادي ممتا سرڪاري هنڌن کي نقصان پهچائيندڙن خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي، ڇو ته هو ان جا ووٽر آهن، اتر پرديش، آسام ۽ ڪرناٽڪ ۾ اسان جي حڪومتن اهڙن ماڻهن کي گوليون هڻي ڪُتن وانگر ماري ڇڏيو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: والاريل ڪشمير ۾ وڌيڪ 3 نوجوان ڀارتي ڏاڍ جو نشانو بڻجي ويو

دليپ گهوش ڌمڪي ڏيندي وڌيڪ چيو ته توهان هتي اچو ٿا، اسان جو کائو ٿا، هتي رهو ٿا ۽ سرڪاري هنڌن کي نقصان ٿا پهچايو، ڇا هيءَ توهان جي زمينداري آهي؟ اسان توهان کي جيل ۾ وجهنداسين، لٺيون ۽ گوليون هڻنداسين.

هوڏانهن اتر پرديش جي هڪ وزير راگهو راج سنگهه به وزيراعظم نريندر مودي خلاف نعريبازي ڪندڙن کي ”جيئرو دفنائڻ“ جي ڌمڪي ڏني.

علي ڳڙهه ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪندي راگهو راج سنگهه جو چوڻ هو ته جيڪڏهن توهان وزيراعظم نريندر مودي خلاف نعريبازي ڪيو ٿا ته مان توهان کي جيئرو دفن ڪري ڇڏيندس.

بي جي پي اڳواڻ موجب رڳو هڪ سيڪڙو ماڻهو شهريت ترميمي قانون جي مخالفت ڪري رهيا آهن، اهي ماڻهو ڀارت ۾ رهندا آهن ۽ اسان جي ٽيڪس جو کائندا آهن، پوءِ وري اسان جي ليڊرن خلاف مرده باد جا نعرا هڻندا آهن، وزيراعظم خلاف نعريبازي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.

واضح رهي ته ڀارت ۾ شهريت ترميمي قانون خلاف جاري پرتشدد مظاهرن دوران هيل تائين گهٽ ۾ گهٽ 26 ڄڻا مارجي چڪا آهن، جڏهن ته سوين زخمي ٿيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.