سنڌ هڪ هئي، آهي ۽ رهندي….! حڪومت جو چِٽو پيغام

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته سنڌ هڪ اهڙو صوبو آهي جتي ڪا به ورڇ قبول ناهي ۽ نه ئي ان جي ورڇ اسان جي منشور ۾ شامل آهي.

ڪراچي ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف گڏ آهن ۽ مضبوطي سان بيٺا آهن.

سنڌ جي گورنر چيو ته سنڌ جي گيس جي جائز حق لاءِ صوبي جي عوام سان گڏ بيٺا آهيون، هن چيو ته وزير اعظم عمران خان توانائي واري وزير کي گيس جي معاملي جي حل هدايت ڪئي آهي.

عمران اسماعيل چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته وزير اعظم جيڪي وڌيڪ پيڪيج بڻائي رهيو آهي اُهي سڄي سنڌ تي ڦهليل هجن.

هن چيو ته جي ڊي اي اسان جي اتحادي پارٽين مان هڪ آهي، جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ ٻئي گڏ آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هتي ڪنهن کي پرچائڻ ناهيان آيو ڇو ته ڪير به رٺل ناهي.

عمران اسماعيل ايم ڪيو ايم طرفان مطالبن ۾ سنڌ جي ورڇ جو بل اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ تي پي ٽي آءِ جي حمايت بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته اِها ڳالهه آئون ڪيترائي ڀيرا واضح ڪري چڪو آهيان ته پاڪستان ۾ وڌيڪ صوبن جي ضرورت آهي پر اُتي جتان جا ماڻهو ائين چاهيندا ۽ سمجهندا هجن.

سنڌ جي گورنر چيو ته سنڌ هڪ اهڙو صوبو آهي جتي ڪا به ورڇ قبول ناهي ان ڪري ان کي واضح ڪيون ٿا، سنڌ هڪ هئي، آهي ۽ هڪ رهندي.

هن چيو ته اسان سنڌ سان گڏ بيٺا آهيون، اسان سنڌ جا پٽ آهيون اسان ائين ڪيئن ٿا ڳالهه ڪري سگهون ته پنهنجي سنڌ کي روهائينداسين، سنڌ جي ورڇ اسان جي منشور ۾ شامل ئي ناهي.

هن چيو ته اسان سنڌ سان گڏ بيٺا آهيون، اسان سنڌ جا پٽ آهيون اسان ائين ڪيئن ٿا چئي سگهون ته سنڌ کي ورهائينداسين، سنڌ جي ورڇ اسان جي منشور ۾ شامل ناهي باقي جيڪا ڳالهه اسيمبلي ۾ ڪئي وئي اُها اسيمبلي وارا ڄاڻن.

ان کان سواءِ صدر الدين راشدي انهيءَ سوال تي چيو ته اِها ڳالهه ذهن ۾ رکو ته سنڌ جي ورڇ ڪنهن قيمت تي نه ٿيندي، ڪراچي صوبو سنڌ جي گادي وارو هنڌ آهي ڪير اهڙي خواهش رکي ٿو ته رکڻ ڏيو پر اسان اهڙي خواهش پوري ٿيڻ نه ڏينداسين.

سنڌ جي گورنر چيو ته ڏيڍ سال جي حڪومت کان گذريل 70 سالن جو حساب نه گهرو پهرين ڏسو ته ملڪ سان ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڪنهن غلط ڪيو آهي؟

هن چيو ته 1960ع ۽ 70 واري ڏهاڪي کان پوءِ ملڪ هيٺ آيو آهي ان جو ذميوار ڪير ته هوندو، هي حڪومت عوام جي امنگن ۽ خواهشن تي پورو لهندي پر ملڪ کي ٽريڪ تي آڻڻ لاءِ ٿورڙي تڪليف مان گذرڻو پوندو.

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته جيڪو وفاق سنڌ لاءِ هن وقت ڪري رهي آهي اُهو اين ايف سي ايوارڊ کان به گهڻو آهي، محدود وسيلن جي باوجود وزير اعظم سنڌ جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ فنڊ مختص ڪيا، ڏيڍ سال ۾ سڄي سنڌ تبديل نٿي سگهي ان ۾ وقت لڳندو.

هن چيو ته سنڌ جو حق اين ايف سي ايوارڊ جي صورت ۾ مليو آهي، سنڌ مان نڪرندڙ معدنيات جي اربين رپين جي رائلٽي خرچ نه ٿيڻ بابت ڇو نٿو ڪير پڇي؟

هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي گورنر چيو ته وزير اعظم جنوري جي ميهيني ۾ ڪراچي ايندو ۽ سنڌ جو دورو ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.