ڀارت ۾ شاهه رخ خان تي انوکي انداز ۾  تنقيد

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) مسلمان مخالف تڪراري قانون تي خاموشي اختيار ڪرڻ تي بالي ووڊ جي ڪنگ شاهه رخ خان جا مداح هڪ ڀيرو وري هن خلاف ميدان ۾ اچي ويا ۽ شاهه خان کي کي سندس گيت جي مدد سان تنقيد جو نشانو بڻايو .

مسلمان مخالف تڪراري قانون خلاف ڀارت سخت احتجاجي تحريڪ جي وڪڙ ۾ آهي جتي هر ڪو پنهنجي پنهنجي انداز ۾ تڪراري قانون خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ عام ماڻهن کان وٺي بالي ووڊ جا اداڪار به قطار ۾ نظر آيا جن ڀارتي حڪمرانن جو اصل چهرو هڪ ڀيرو وري بي نقاب ڪيو.

هڪ ڀيرو وري نئين دهلي جي شاهين باغ ۾ تڪراري قانون خلاف مظاهرو ڪندڙن شاهه رخ خان کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ اداڪار کي هن جي بلاڪ بسٽر فلم دلهنيا لي جائينگي ”مشهور گيت“ تجهي ديکا و ته جانا صنم جي مدد سان تنقيد جو نشانو بڻايو جيڪو ڏسندي ئي ڏسندي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو.

واضح رهي ته بالي ووڊ جا وڏا وڏا اداڪار ۽ هدايتڪار ان معاملي تي نه رڳو آواز اٿاري چڪا آهن پر مودي حڪومت تي سخت تنقيد پڻ ڪري چڪا آهن پر بالي جي خانن طرفان اڃا تائين ڪو به بيان سامهون ناهي آيو.

مظاهرو ڪندڙن گيت ڪجهه هن انداز ۾ پڙهي ٻڌايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.