هاڻي ته شهري قبرستانن ۾ ايڊوانس بڪنگ ٿئي ٿي!

مقبول ملاح

گذريل ڏينهن هڪ عزيز جي فوتگي جو اطلاع مليو، تدفين جو ٽائيم پڇو ته جواب مليو، ترسو ٻڌايون ٿا، پر رات دير تائين تدفين جو وقت ۽ جڳهه نه ٻڌايائون، بار بار پڇڻ جو سبب هو ته تدفين جي رسمن ۾ وقت سر شرڪت ڪجي. صبح جو جيئن ئي خبر پئي ته تدفين جي رسمن ۾ شرڪت لاءِ پهتس، جتي رات دير تائين  تدفين جو ٽائيم نه ٻڌائڻ جو سبب پڇو ته جواب مليو علائقي جي ٽن قبرستانن ۾ قبر لاءِ جڳهه نه ملي، جڏهن ته آخر ڪار رات دير سان ٽنڊو يوسف قبرستان ۾ پيسن عيوض قبر لاءِ جڳهه ملي آهي، جنهن کانپوءِ عزيزن کي اطلاع ڏنو ويو آهي.  جڏهن تدفين لاءِ ٽنڊو يوسف قبرستان پهتا سين ته خبر پئي حيدرآباد جي اڪثر قبرستانن ۾ اڳ ئي ماڻهو قبرن جي ايڊوانس بڪنگ ڪرائي ڇڏين ٿا.

سنڌ هاڻي شهري صوبو بڻجي ويو آهي، آدمشماري مطابق سنڌ جي آبادي جو 52 سيڪڙو ماڻهو شهرن ۾ رهندڙ آهن، شهرن ۾ رهڻ دوران نه صرف زرعي زمينن تي قبضا ڪري پلازه  جوڙيا ويا، پر قبرستانن تي به قبضا ٿيا. غير فطري انداز سان شهرڪاري ٿي، نتيجن شهرين کي ڪي به سهولتون نٿيون ملن. شهري پيئڻ لاءِ زهريلو پاڻي واپرائي رهيا آهن، شهر جو گندو پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ واهن ۾ وڌو وڃي ٿو.

حيدرآباد سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي،  جتي جي اڪثر آبادي سنڌو درياءَ مان ايندڙ پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ڪري ٿي، جنهن پاڻي ۾ به  مٽياري جي شگر مل جو ڪيميڪل وارو پاڻي ۽ منڇر ڍنڍ جو زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو، هڪ ته اڳ ئي سنڌو درياءَ جو پاڻي زهريلو پاڻي ملڻ ڪري صحت لاءِ هاڃيڪار آهي، مٿان وري ڦليلي واهه ۽ پڃياري واهه ذريعي لاڙ لاءِ پيئڻ ۽ زراعت لاءِ استعمال ٿيندڙ پاڻي ۾ حيدرآباد  جو گندو پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو، جيڪو پاڻي نه صرف  لاڙ جا ماڻهو پيئڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا، پر ساڳو ئي گندو پاڻي زراعت ۾ استعمال ٿئي ٿو. حيرت جي ڳالهه ته اها آهي ته ساڳي گندي پاڻي ۾ پوکيل ڀاڄيون شهري واپرائي رهيا آهن، نتيجن شهري مختلف وبائي بيمارين ۾ وڪوڙجندا پيا وڃن.

اڪثر شهرن جا  علائقا ان ڪري به ترقي نه ٿا ڪري سگهن ته اهي ڪچي آبادي طور آباد ٿيا آهن،  جن ۾ اڪثريت قبضه خورن معرفت علائقا آباد ٿيڻ آهن. ماڻهو ته هاڻي قبرستانن تي به قبضا ڪرڻ شروع ڪيو آهي، حيدرآباد جو هڪ علائقو ڊيڊ ڪالوني (مئن جي ڪالوني) جي نالي سان مشهور آهي.  سوين گهرن تي مشتمل ان ڪالوني کي ان ڪري ڊيڊ ڪالوني جو نالو ڏنل آهي جو اها ڪالوني قبرستان تي ٺهيل آهي، مطلب ماڻهو قبرن کي لٽي اتي گهر اڏيا آهن. منهنجو جڏهن پهريون دفعو ان علائقي ۾ وڃڻ ٿيو هو ته خبر پئي ته هي (ڊيڊ ڪالوني) مئن جي ڪالوني جي نالي سان مشهور آهي، دوست کان پڇيم ته هتي ته جئيرا جاڳندا ماڻهو رهندڙ آهن ته پوءِ ان کي ڊيڊ ڪالوني ڇو ٿو سڏيو وڃي.  دوست کلي جواب ڏنو ته هي ڪالوني قبرستان تي قبضو ڪري ٺاهي وئي آهي. ائين ئي حيدرآباد جي ڪيترن ئي قبرستان تي قبضا ٿيل آهن. اهو ئي سبب آهي ته هاڻي قبرستانن ۾ دفنائڻ لاءِ جڳهه به نه ٿي ملي.

حيدرآباد سميت سنڌ جي شهرن ۾ آبادي ته ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي پر ڪڏهن اسان ڪنهن به اسڪيم ۾ پلاٽ يا فليٽ وٺڻ کان اڳ ۾ اهو سوال ڪيو آهي ته هن اسڪيم لاءِ قبرستان ڪٿي آهي. ايتري تائين ته اسان ته اسڪول يا راند لاءِ پلاٽ جي به گهر نه ڪندا آهيون.  اسان  پنهنجن ڳوٺن سان تعلق ختم ڪندا پيا وڃون. ڪو وقت هيو جڏهن شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن جو پنهنجن ڳوٺن سان به تعلق رهندو هيو ۽ جڏهن به ڪا فوتگي ٿيندي هئي ته اهي مڙهه پنهنجي ابائي قبرستان ۾ دفنائڻ لاءِ ڳوٺن جو رخ ڪندا هئا، پر هاڻي ماڻهو جنهن به شهر ڏانهن وڃي ٿو ته ان شهر جو ٿي وڃي ٿو.

لاڳاپيل ادارن کي گهرجي ته جڏهن به ڪا اسڪيم منظور ڪئي وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ ان اسڪيم لاءِ قبرستان لاءِ زمين ضرور رکي وڃي، ٻي صورت ۾ اسڪيم جي منظوري نه ڏني وڃي.  اسان گهر وٺڻ کان اڳ اتي گاڏي بيهارڻ لاءِ پارڪنگ بابت ته معلومات وٺندا آهيون، پر اسان ڪڏهن به قبرستان بابت معلومات نه ورتي آهي.  موت مهڻو ناهي، هر ماڻهو کي مرڻو آهي، تنهن ڪري جتي به گهر وٺجي گهٽ ۾ گهٽ اتي قبرستان بابت به معلومات وٺجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.