ڪراچي جي ڇھن ئي ضلعن ۾ بلاول ڀٽو جي هدايتن تي کليل ڪچھريون

نئين ڪراچي (رپورٽ: ياسين پتافي ) ڪراچي جي ڇھن ضلعن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ھدايتن تي کليل ڪچھريون ڦوٽو سيڪشن تائين محدود ٿي ويون، عوام جا جائز مسئلا حل ٿيڻ باوجود ويتر وڌي ويا، پيپلز پارٽي پاران کليل ڪچھرين ۾ عوام کي ڪوبه لاڀ نه ملي سگھيو، ڪراچي جي سنڌي وسندين سچل ڳوٺ، بلاول شاهه نوراني ۽ ٻين آبادين ۾ صفائي جي فقدان ۽ گٽرن جي گندي پاڻي جو نيڪال نه ٿي سگھيو، مين گلين ۾ گٽرن جو گندو پاڻي تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳو، چونڊيل نمائنده علائقي مان مسلسل غائب رھڻ لڳا، علائقي واسي گٽرن جي گندي پاڻي مان گذرڻ تي مجبور ٿي ويا، ان حوالي سان علائقي واسين عابد مظهر شاھ، لال محمد چانڊيو، محمد يعقوب سمون، وھاب سومرو زاھد علي، ساحل ۽ ٻين چيو ته يو سي 30 جي بلاول شاھ نوراني، سچل ڳوٺ، ماروئڙا ۾ گهرن اڳيان ۽ روڊن تي گٽرن جي ڌپ وارو پاڻي بيٺل آهي۔ صفائي سٿرائي نه ٿيڻ ڪري مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آھي جنھن سبب مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آھي سوين ٻار اسپتالن ۾ داخل آهن اسين ھتان جا رهواسي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون، گٽرن جا ڍڪڻ نه ھجڻ ڪري معصوم ٻارن جي زندگيون خطري ۾ پيل آھن، پر چونڊيل نمائندا مسئلا حل ڪرڻ بدران آيل ترقياتي فنڊن ۾ ڪرپشن ڪرڻ ۾ مصروف آهن مسلسل عوامي احتجاج تي به ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي، صوبائي وزير بلديات سيد ناصر شاھ کلي ڪچھري ۾ مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو پر مسئلا حل ٿيڻ باوجود ويتر وڌي ويا آھن، اسان جا معصوم ٻارڙا اسڪول بہ نٿا وڃين سگھن، پي ٽي آءِ جو ايم پي اي ڪريم بخش گبول ۽  ايم اين اي سيف الرحمن به ووٽ وٺي علائقي مان غائب ٿي ويا آهن، ھنن سنڌ حڪومت، بلديات جي وزير سيد ناصر شاھ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته گٽرن جي ڪني پاڻي جي نيڪالي ۽ صفائي ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.