اسلام ڪوٽ ۾ ڳوٺاڻن جو قبضي خلاف مظاهرو

مٺي (بيورو) ڏيپلو،ستون ميل،مٺي ۽ ڪلوئي جي شهرن ۾ ڪولهي برادري جي قبرستانن تي قبضن خلاف اسلام ڪوٽ ۾ سنڌ ڪولهي اتحاد جي سڏ ماوجي ڪولهي،ڀومو ڪولهي،ماوجي ڪولهي،وشنو ڪولهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رهواسي ريلي ڪڍي پريس ڪلب پهتا،جتي احتجاج ڪيو ويو،احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪلوئي،مٺي،ستون ميل ۽ ڏيپلو ۾ ڪولهي برادري جي قبرستانن تي بااثرن قبضا ڪري ورتا آهن،اسان ڪيترائي ڀيرا ڊي سي سان ملي شڪايتون ڪيون آهن پر انتظاميا ڪوبه قدم نه ٿي کڻي،اسان پنهنجن گهرن يا پلانٽن لاءِ نه پر آخري آرام گاھ قبرستان کي بچائڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهيون،اسان وٽ جيڪا قبرستان جي جڳھ بچي آهي اها به محفوظ ناهي،دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهيون،ٻُڌڻ وارو ڪير ناهي،هنن چيو ته قبرستانن  تان قبضا خالي نه ٿيا ته 25 جنوري تي مٺي ۾ ڌرڻو هڻنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.